Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:21 - Sindhi Bible

21 ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:21
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.


۽ هن انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين هن طرح خداوند جي خوف سان ۽ ايمانداريءَ سان ۽ ڪامل دل سان هلت ڪجو.


۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.


هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي.


اسان جي خدا جي شهر ۾، ۽ پنهنجي پاڪ جبل تي، خداوند عظيم آهي، ۽ وڏيءَ تعريف جي لائق آهي.


جيئن اسان ٻڌو هو، تيئن ئي لشڪرن جي خداوند جي شهر ۾، يعني اسان جي خدا جي شهر ۾ ڏٺو اٿئون: خدا انهي کي هميشہ تائين قائم رکندو.


تنهنجي چاندي مٺ تي پئي آهي، تنهنجو شراب پاڻيءَ سان گڏجي پيو آهي.


ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.


ڇالاءِ جو اهي پاڻ کي پاڪ شهر جا سڏين ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکن ٿا؛ جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.


۽ عدالت پٺ تي موٽائي ويئي آهي، ۽ راستبازي پري بيٺي آهي: ڇالاءِ جو سچ جو گهٽيءَ ۾ قدر ڪونهي، ۽ ايمانداري اندر اچي نٿي سگهي.


هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو.


ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.


ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.


تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛


پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا.


۽ سندن لاشا انهي وڏي شهر جي رستن ۾ پيا هوندا، جنهن کي روحاني طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين؛ جتي سندن خداوند بہ صليب تي چاڙهيو ويو هو.


۽ جن ستن ملائڪن وٽ ست پيالا هئا، تن مان هڪڙي اچي مون سان ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو تہ هيڏانهن اچ تہ جيڪا وڏي ڪسبياڻي گهڻن پاڻين تي ويٺي آهي، تنهن جي سزا توکي ڏيکاريان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ