Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:18 - Sindhi Bible

18 خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:18
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي وچ ۾ ڪو امين ڪونهي جو اسان ٻنهي تي پنهنجو هٿ رکي.


زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


منهنجن گناهن کان پنهنجو منهن ڦيراءِ، ۽ منهنجون سڀ بڇڙايون مٽائي ڇڏ.


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


خداوند قومن جي پاران حجت دليل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ بيهي ٿو.


اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.


خداوند، يعقوب جو بادشاهہ، فرمائي ٿو تہ پنهنجي دعويٰ پيش ڪريو؛ ۽ پنهنجا مضبوط دليل آڻيو.


مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.


جيڪو مون کي سچو ٿو ٺهرائي سو ويجهو آهي؛ ڪير مون سان وڙهندو؟ اچو تہ گڏ بيهون: ڪير منهنجو مخالف آهي؟ اهو منهنجي ويجهو اچي.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟


وري جڏهن ڪو شرير ماڻهو پنهنجي ڪيل شرارت کان ڦري ٿو ۽ جيڪي قاعدي موجب درست آهي سو ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي جان کي جيئرو رکندو.


جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ سندس برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: هن جيڪي ڪيو آهي سو قاعدي موجب درست آهي؛ اُهو ضرور جيئرو رهندو.


اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.


۽ پولس پنهنجي دستور موجب انهن وٽ ويو، ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن پاڪ ڪتاب مان ساڻن بحث ڪيائين،


۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.


۽ جڏهن هن سچائيءَ، ۽ پرهيزگاريءَ، ۽ ايندڙ عدالت بابت ويٺي سمجهايو، تڏهن فيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، ۽ ورندي ڏنائينس تہ هاڻي وڃ، جڏهن وري مون کي فرصت ملندي، تڏهن آئون توکي پاڻ وٽ گهرائيندس.


شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ