Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:14 - Sindhi Bible

14 منهنجو روح اوهان جن نون چنڊن کي ۽ اوهان جن مقرر ڪيل عيدن کي ڌڪاري ٿو: اهي منهنجي لاءِ تڪليف آهن: آءٌ انهن کان بيزار آهيان ۽ اهي برداشت ڪري نٿو سگهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اوهان جي نئين چنڊ وارين گڏجاڻين، توڙي مقرر ڪيل عيدن کان منهنجي دل کي ڪراهت ٿي اچي. اهي مون لاءِ ايڏو تہ بار آهن جو آءٌ انهن کان بيزار ٿي پيو آهيان. هاڻي آءٌ اهو برداشت ڪري نہ ٿو سگھان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سبت، ۽ نئين چنڊ، ۽ مقرر عيدن تي، هميشہ خداوند جي حضوريءَ ۾ پوري تعداد موجب، سڀ سوختني قربانيون قاعدي موجب چاڙهين.


هاءِ اريئيل، اريئيل، جنهن شهر ۾ دائود منزل ڪئي! ڀلي تہ سال پٺيان سال گذرندو وڃي، ۽ ڀلي تہ عيدون ملهايون وڃن.


پوءِ آءٌ اريئيل کي ڏک ڏيندس، ۽ اتي ماتم ۽ نوحو ٿيندو: پوءِ هو منهنجي لاءِ اريئيل جهڙو ٿيندو.


تو منهنجي لاءِ پئسا خرچي لوبان ڪونہ ورتو، نڪي تو مون کي پنهنجي قربانيءَ جي چرٻيءَ سان ڍءُ ڪرايو: پر تو پنهنجن گناهن جو بار مون تي وڌو، ۽ پنهنجن ڏوهن سان مون کي ٿڪائي ڇڏيو.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند عدالت کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ڦرمار ۽ بي انصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان: آءٌ انهن کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ آءٌ انهن سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ هيئن ٿيندو تہ هڪڙي نئين چنڊ کان وٺي ٻئي نئين چنڊ تائين، ۽ هڪڙي سبت کان وٺي ٻئي سبت تائين، سڀ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ ايندا.


۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟


آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس.


هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو.


ڏسو، آءٌ اوهان کي اوهان جي جاءِ تي ائين چپيندس جيئن ڪا گڏن سان ڀريل گاڏي چپيندي آهي.


آءٌ اوهانجين عيدن کي ڌڪاريان ٿو ۽ نفرت ٿو ڪريان؛ ۽ اوهانجين پاڪ جماعتن ۾ مون کي ڪابہ خوشي ڪانهي.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ