Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:12 - Sindhi Bible

12 جڏهن اوهين منهنجي اڳيان اچي پاڻ ڏيکاريو ٿا تڏهن ڪنهن اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو آهي تہ منهنجا ايوان لتاڙيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اوهان کي ڪير ٿو چوي تہ اوهين منهنجي عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم ڪريو؟ ائين ڪري منهنجي مقدس هيڪل جي بي‌حرمتي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون قربانيءَ ۽ نذراني کان خوش نٿو ٿين ۽ تو منهنجا ڪن کوليا آهن؛ تو سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ڪانہ طلبي آهي.


سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.


سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند خدا، جو اسرائيل جو خدا آهي، تنهن جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.


جڏهن تون خدا جي گهر ۾ وڃين تڏهن پنهنجي قدم جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو بي عقلن جي قرباني ڏيڻ کان، ٻڌڻ جي لاءِ ويجهو وڃڻ بهتر آهي: هن ڪري جو انهن کي اها خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪو بڇڙو ڪم ٿا ڪن.


هيءُ گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، سو اوهان جي نظر ۾ ڌاڙيلن جي پاٿاري ٿي پيو آهي ڇا؟ خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، مون، هائو مون اهو ڏٺو آهي.


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


تہ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان پنجين ۽ ستين مهيني ۾ اهي ستر سال روزا رکيا ۽ ماتم ڪيو، تہ ڇا منهنجي لاءِ، بلڪ خاص منهنجي لاءِ، روزا رکندا هئا ڇا؟


پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ