Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:10 - Sindhi Bible

10 اي سدوم جا حاڪم، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ اي عموراہ جي قوم، اوهين اسان جي خدا جي شريعت ڏي ڪن ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي يروشلم جا حڪمرانؤ ۽ رهاڪؤ! اوهين بہ سدوم جي حڪمرانن، ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا گنهگار آهيو. هاڻي اوهين خداوند جو فرمان ٻڌو، هائو، اسان جي خدا جي شريعت تي ڌيان ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سدوم جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ تمام بدڪار ۽ گنهگار هئا.


تنهن ڪري اي ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو، جي يروشلم ۾ رهندڙ اُمت تي حڪومت ٿا ڪريو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو:


هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.


مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.


اي آدمزاد، اسرائيل جا نبي جي نبوت پيا ڪن، تن جي برخلاف تون نبوت ڪر، ۽ جيڪي پنهنجي دل مان ٺاهي نبوت ٿا تن کي چئُہ، تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛


انهي ڪري اي ڪڃري، خداوند جو ڪلام ٻڌ:


۽ تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريا آهي جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي کٻي پاسي ٿي رهي، ۽ تنهنجي ننڍي ڀيڻ جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي سڄي پاسي ٿي رهي سا سدوم آهي.


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جو هي ڏوهہ هو؛ هن ۾، ۽ هن جي ڌيئرن ۾ مغروري ۽ مانيءَ جو ڍؤ، ۽ عيش ۽ آرام هو؛ هن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ڪئي.


اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو:


شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟


مون چيو تہ اي يعقوب جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اوهين ٻڌو: اوهان کي مناسب ناهي ڇا تہ اوهين عدالت کان واقف هجو؟


۽ جيئن يسعياہ نبي اڳيئي چئي ويو آهي تہ ”جي لشڪرن جو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسين سدوم ۽ عموراہ وانگر ٿيون ها.“


ڇالاءِ جو انهن جي ڊاک صدوم جي منهہ، ۽ عمورہ جي ٻنين جهڙي آهي: انهن جا انگور پت سان ڀريل آهن، ۽ انهن جا ڇڳا ڪوڙا آهن.


۽ سندن لاشا انهي وڏي شهر جي رستن ۾ پيا هوندا، جنهن کي روحاني طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين؛ جتي سندن خداوند بہ صليب تي چاڙهيو ويو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ