Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 9:4 - Sindhi Bible

4 هو خداوند جي نذرانن لاءِ شراب نہ هاري وجهندا، نڪي هو انهي کي وڻندا: هنن جون قربانيون سندن لاءِ ماتم جي مانيءَ وانگر ٿينديون؛ جيڪي انهي مان کائيندا سي پليت ٿيندا: ڇالاءِ جو هنن جي ماني سندن اشتها لاءِ ٿيندي؛ اُها خداوند جي گهر ۾ نہ ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 9:4
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پهرين گهٽي سان گڏ هي شيون بہ هجن، يعني ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو جو جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين پتيءَ ۾ ڳوهيل هجي، ۽ مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو، پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هجي.


۽ انهيءَ تي خداوند جي حضور ۾ ماني ٺاهي جوڙي رکيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


نڪي ماڻهو هنن جي لاءِ ماتم جي وقت ماني ڀڃندا، انهي لاءِ تہ مئن جي لاءِ هنن کي تسلي ڏين: نڪو ماڻهو هنن کي سندن پيءُ ۽ سندن ماءُ جي لاءِ دلاسي جو پيالو پياريندا.


سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


آهون ڀر، پر آهستي؛ مُئل جي لاءِ ماتم اصل نہ ڪر، پنهنجي مٿي تي پٽڪو ٻڌ ۽ پيرن ۾ جُتي پاءِ، ۽ پنهنجا چپ نہ ڍڪ، ۽ سوءَ جي ماني نہ کاءُ.


۽ اوهين ائين ڪندا جيئن مون ڪيو آهي؛ اوهين پنهنجا چپ نہ ڍڪيندا ۽ نہ سوءَ جي ماني کائيندا.


پر داني ايل پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو تہ پاڻ کي شاهي خوراڪ سان ۽ شراب سان پليت نہ ڪري؛ تنهنڪري هن ناظرن جي سردار کي عرض ڪيو تہ هن کي موڪل ملي تہ هو پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.


هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.


باقي منهنجي نذرانن جي قربانين لاءِ، هو گوشت قربان ڪري کائين ٿا؛ پر خداوند کين قبول نٿو ڪري: هاڻي هو سندن بدڪاري ياد ڪندو، ۽ گناهن جي سزا ڏيندو؛ هو مصر ۾ موٽي ويندا.


اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي.


کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا.


ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟


ڇالاءِ جو بدن جي زندگي رت ۾ آهي: ۽ اها مون اوهان کي قربانگاهہ تي ڏني آهي، تہ اوهان جي روحن جي لاءِ ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو اهو رت ئي آهي، جنهن جي ڪري زندگيءَ جو ڪفارو ٿو ٿئي.


هارون کي چئُہ تہ تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جنهن ۾ ڪوبہ عيب هجي، سو پنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ڪرڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.


مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي، سو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون چاڙهڻ واسطي ويجهو نہ اچي. ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ عيب آهي؛ هو خدا جي کاڌي جي قرباني چاڙهڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.


هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ رهن، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: ڇالاءِ جو هو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون ٿا چاڙهين، جي سندن خدا جي خوراڪ آهن: تنهنڪري هو پاڪ رهن.


تنهنڪري تون انهي کي پاڪ ڄاڻ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ٿو ڪري: اهو تنهنجي لاءِ پاڪ رهندو: ڇوتہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.


۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو:


بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.


۽ نذر جي مانيءَ واريءَ ميز تي آسماني ڪپڙو وڇائين، ۽ انهيءَ تي رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا رکن، ۽ هميشہ واري ماني بہ انهي تي رکن.


آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


مون پنهنجي ماتم جي وقت انهن مان ڪي بہ نہ کاڌو آهي، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهن مان ڪي ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهن مان ڪي ڏنو اٿم: مون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيڪي بہ حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب ڪيو اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ