Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 9:11 - Sindhi Bible

11 باقي افرائيم، سو ان جو شان شوڪت پکيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڪوبہ ٻار ڪونہ ٿيندو، ۽ ڪابہ پيٽ سان نہ ٿيندي، ۽ نہ ڪا ٻار واري ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 بني اسرائيل جا پويان بہ پنهنجن ابن ڏاڏن وارين عادتن تي قائم رهيا، سو هاڻي اسرائيل وارن جي وڏائي ۽ گھڻائي پکيءَ جيان اُڏامي ويندي، سندن عورتن کي حمل نہ ٿيندو، هائو، منجھن ڪوبہ ٻار ڪين ڄمندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 9:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻئي جو نالو افرائيم رکيائين، جو چيائين تہ خدا مون کي منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ ڦلدار ڪيو آهي.


يوسف هڪڙو ڦلدار ٻوٽو آهي، اهڙو ڦلدار جو چشمي جي ڀرسان بيٺل هجي؛ ۽ هن جون ٽاريون ڀت تي چڙهي ويون آهن.


۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل کي سندس مرڻ جي ڏينهن تائين اولاد ڪونہ ٿيو.


هائو، شريرن جي روشني وسائي ويندي، ۽ هنن جي باهہ جو شعلو نہ چمڪندو.


جيئن گهونگهو ڳري فنا ٿيو وڃي؛ ۽ جيئن ڪنهن زال جو ڪچو ٻار ٿو ڪري ۽ روشني نٿو ڏسي، تيئن اهي سڀ فنا ٿي وڃن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ سؤ ٻار کڻي ڄڻي، ۽ گهڻا ورهيہ جيئي، جنهن ڪري هن جي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻا ٿين، پر هن جو روح خوش نہ رهي، ۽ نہ هو دفن ڪيو وڃي؛ تہ آءٌ چوان ٿو تہ وقت کان اڳي جو ڪريل ٻار آهي سو انهي کان چڱو آهي:


افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.


سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.


جيئن هو وڌندا ويا تيئن منهنجو گناهہ ڪندا ويا: آءٌ هنن جي عزت مٽائي خواري ڪندس.


افرائيم عتاب جي ڏينهن ويران ٿي ويندو: اسرائيل جي فرقن ۾ مون اها ڳالهہ پڌري ڪئي آهي جا ضرور ٿيڻي آهي.


اي خداوند هنن کي ڏي: تون ڇا ڏيندين؟ هنن کي ٻار ڪيرائيندڙ پيٽ، ۽ سُڪل ڇاتيون ڏي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:


ڇالاءِ جو ڏسو تہ اهي ڏينهن اچڻا آهن، جڏهن اُهي چوندا تہ مبارڪ اُهي جي سنڍ آهن، ۽ مبارڪ اُهي پيٽ جن نہ ڄڻيو، ۽ اُهي ٿڻ جن نہ ڌارايو!


تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي.


۽ انهي ننڍڙي ٻار ڏانهن جو هن ڄڻيو هوندو، ۽ سندس سڀني ٻارن ڏانهن سنديس خراب نيت ٿيندي؛ ڇالاءِ جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري، هوءَ انهن کي لڪ ڇپ ۾ کائي ويندي: ڇو جو تنهنجا دشمن تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا.


هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ