Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 9:10 - Sindhi Bible

10 مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 9:10
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.


۽ اُتي اُنهن سڀني مٿانهين جاين ۾ هو لوبان ساڙيندا هئا، جيئن ٻيون قومون ڪنديون هيون، جن کي خداوند هنن جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو؛ ۽ هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ بڇڙا ڪم ڪيا:


جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي انهن تي ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا.


سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.


اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟


۽ هن جي شاندار سونهن جو ڪومائجندڙ گل، جو آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اونهاري کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگي ٿيندو، جنهن تي جڏهن ڪنهن جي نظر ٿي پوي تہ ڏسندي ئي، ۽ هٿ ۾ ايندي ئي، کايو ڇڏي.


ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.


هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ عمدا انجير هئا، انهن انجيرن جهڙا جي پهرين پچندا آهن: ۽ ٻيءَ ٽوڪريءَ ۾ خراب انجير هئا، جي اهڙا خراب هئا جو کائڻ جي لائق ئي نہ هئا.


پر اها خواري جهڙي شيءِ اسان جي جوانيءَ کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو کائي وئي آهي؛ انهن جا ڌڻ ۽ گلا، انهن جا پٽ ۽ انهن جون ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.


اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪا قوم ترار کان بچي وئي، تنهن بيابان ۾ فضل حاصل ڪيو؛ يعني اسرائيل، جڏهن آءٌ انهن کي آرام ڏيڻ ويس.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


پر هو مون کان باغي ٿيا ۽ منهنجي ٻڌڻ نہ گهُريائون؛ هنن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي نہ ڇڏيون، نڪي هنن مصر جا بُت ڇڏي ڏنا: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ مصر جي ملڪ ۾ هنن تي پنهنجو غصو پورو ڪريان.


جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.


بيابان ۾ يعني تمام خشڪ زمين ۾ مون تنهنجي خبر لڌي.


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


آءٌ اوهان جي ڌيئن کي ڪسب ڪرڻ وقت سزا نہ ڏيندس، ۽ نہ اوهانجن نهن کي زناڪاري ڪندي؛ ڇالاءِ جو هو پاڻ ڪسبين سان گڏجي پاسي تي نڪري وڃن ٿا، ۽ ڪڃرين سان گڏ هو قرباني ٿا ڪن: ۽ جيڪا قوم نہ سمجهندي سا ناس ڪئي ويندي.


هن جو شراب کَٽو ٿي پيو آهي: هو سدائين زناڪاري پيا ڪن؛ ان جي حاڪمن کي خواري پسند آهي.


۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي.


مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.


اها جهالر اوهان جي هن ڪم ايندي، تہ اوهين انهيءَ کي ڏسي، خداوند جا سڀ حڪم ياد ڪريو، ۽ عمل ۾ آڻيو: ۽ اوهين پنهنجين اکين ۽ پنهنجيءَ دل جي تابع ٿي، زناڪاري نہ ڪريو؛ جيئن هن وقت تائين ڪندا آيا آهيو.


انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا، جي اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سي تنهنجا ٿيندا؛ تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.


پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.


خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين.


انهن ڀوتن جي لاءِ قربانيون چاڙهيون، نہ خدا لاءِ؛ ۽ اهڙن معبودن جي لاءِ جن جا هو واقف نہ هئا، يعني نوَن نوَن معبودن جي لاءِ، جن کان سندن ابا ڏاڏا نہ ڊڄندا هئا.


بعل فغور جي ڪري جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ڇالاءِ تہ جن ماڻهن بعل فغور جي پيروي ڪئي، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.


تنهنڪري انهيءَ ڏينهن هن انهيءَ جو نالو يروبعل رکيو، ۽ چيائين تہ جنهن بعل جي قربانگاهہ ڊاهي آهي، تنهن سان هو پاڻ پڄي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ