Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 8:7 - Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن هو واءُ پوکيندا تہ لڻندا بہ طوفان، سندن فصل ۾ ڪو سنگ نہ بچندو، نڪي انهيءَ مان ڪو اناج نڪرندو، پر جي کڻي انهيءَ مان اناج نڪري بہ تہ اهو ڌاريا لٽي ڦري کائي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 8:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا، ۽ لڪ جا سڙيل نڪتا؛


اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


جيئن مون ڏٺو آهي، تيئن جيڪي ظلم ٿا کيڙين، ۽ فساد ٿا پوکين، سي لڻن بہ اهو ئي ٿا.


جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.


۽ اها بہ هڪڙي وڏي خرابي آهي تہ هر طرح جيئن هو آيو هو تيئن هو ويندو: ۽ انهي کي ڪهڙو فائدو حاصل آهي تہ هو واءُ جي لاءِ پورهيو ڪري؟


وڻن رکڻ واري ڏينهن تون انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏين ٿو، ۽ صبح جو تون انهيءَ ۾ ٻور ٿو ڏسين؛ پر فصل جو ڏينهن ڏک ۽ سخت مصيبت جو ڍڳ ٿيندو.


جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.


هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.


اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي.


تنهنڪري آءٌ اُن جي فصل وقت پنهنجو اَن، ۽ موسم ۾ پنهنجو شراب موٽائي وٺندس، ۽ پنهنجي اُن ۽ پنهنجي سڻي ڇني وٺندس، جي جيڪر سندس اوگهڙ ڍڪين ها.


ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.


افرائيم کي ڌڪ لڳو آهي، هنن جي پاڙ سُڪي ويئي آهي، هو ڦر نہ جهليندا: هائو، جيتوڻيڪ هو ٻار ڄڻيندا، تہ بہ آءٌ انهن جي پيٽ جو پيارو ڦر ڪهي ڇڏيندس.


خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي ۽ طاقت ۾ وڏو آهي، ۽ ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي نہ ڏيندو. خداوند جي راهہ واچوڙي ۾ ۽ طوفان ۾ آهي، ۽ بادل هن جي پيرن جي مٽي آهن.


اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي.


فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو.


جيڪو پنهنجي جسم جي لاءِ پوکي ٿو، سو جسم مان فنا جو فصل لُڻندو، پر جيڪو روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو روح مان هميشہ جي زندگي لُڻندو.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ