Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 8:10 - Sindhi Bible

10 هائو جيتوڻيڪ هو قومن مان ڀاڙي پيا ڪن، تہ بہ آءٌ هن کي گڏ ڪندس؛ ۽ هو بادشاهہ جي ۽ اميرن جي بار جي سببان گهٽجڻ لڳندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 توڙي جو اهي ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ ٻين قومن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا آهن، تہ بہ هاڻي آءٌ پڪڙي کين گڏ ڪندس، آءٌ کين جلد ئي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي تڪليفن ۾ وجھي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 8:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي مصيبت ڏٺي تہ ڏاڍي سخت آهي: ۽ غلام توڙي آزاد پريشان هئا، ۽ اسرائيل جو ڪوبہ مددگار نہ هو.


انهيءَ تي اسور جو بادشاهہ سلمنسر چڙهي آيو؛ ۽ هوسيع انهيءَ جو ٻانهو ٿيو، ۽ اُنهيءَ جي لاءِ نذرانا آندائين.


۽ اسور جي بادشاهہ هوسيع جو منصوبو معلوم ڪيو: ڇالاءِ جو هن مصر جي بادشاهہ سو ڏانهن ايلچي موڪليا ۽ اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڪو نذرانو نہ موڪليائين، جيئن اڳي سال بسال موڪليندو هو: تنهنڪري اسور جي بادشاهہ هن کي قيد ۾ وجهي ٻڌي بند ڪري ڇڏيو.


۽ اسرائيل جي خدا، اسور جي بادشاهہ پول، ۽ اسور جي بادشاهہ تلگات پلناصر جي دل ۾ وڌو، ۽ اهو هنن کي قيد ڪري وٺي ويو، يعني روبين ۽ جدين کي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي، ۽ انهن کي خلح، ۽ خابور، ۽ هارا، ۽ جوزان نديءَ تائين آندائين، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟


اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ مصر ۾ ٿا وڃن؛ انهيءَ لاءِ تہ فرعون جي زور سان زوراور ٿين، ۽ مصر جي پاڇي تي ڀروسو رکن!


پوءِ ربشاقي اُٿي بيٺو، ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، اوهين شاهہ عظيم، اسور جي بادشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.


۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:


ماڻهو سڀني ڪڃرين کي بخششون ٿا ڏين، پر تون پنهنجن سڀني سينڌن کي پنهنجون بخششون ٿي ڏين، ۽ هنن کي لالچائين ٿي تہ هو سڀ ڪنهن پاسي کان تو وٽ اچي توسان زنا ڪن.


ڏس آءٌ تنهنجا اُهي سڀ سينڌ گڏ ڪندس، جن سان تو مزا پئي ماڻيا آهن، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي؛ انهن کي هر طرف کان آءٌ تنهنجي برخلاف گڏ ڪندس، ۽ هنن جي اڳيان تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس، تہ ڀلي اُهي تنهنجي اوگهڙ ڏسن.


جيئن ماڻهو کوري جي وچ ۾ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ شيهو، ۽ قلعي گڏ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ انهي کي باهہ ڦوڪي پگهارين؛ تيئن آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۽ جوش ۾ اوهان کي بہ گڏ ڪندس ۽ اُتي رکي پگهاريندس.


۽ جڏهن اهولہ منهنجي ٿي تڏهن زناڪاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ پنهنجن سينڌن تي، يعني اسوري جي سندن پاڙيسري هئا، تن کي حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي،


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ صور تي، اُتر کان بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، جو شهنشاهہ آهي، تنهن کي گهوڙن سان، ۽ گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ هڪڙي لشڪر ۽ گهڻن ماڻهن سان آڻيندس.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


جڏهن منهنجي مرضي ٿيندي، تڏهن آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن ٻن گناهن جي لاءِ ٻڌا ويندا، تڏهن قومون ساڻن وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون.


خداوند جو يهوداہ سان بہ تڪرار آهي، ۽ هو يعقوب کي سندس راهن موافق سزا ڏيندو؛ انهي کي هو سندس ڪمن موافق بدلو ڏيندو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ هڪ دفعو، ٿوري وقت کانپوءِ، آءٌ آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ سُڪيءَ کي لوڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ