Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 7:7 - Sindhi Bible

7 هو سڀ تنور وانگر گرم آهن، ۽ پنهنجن قاضين کي ڳهي ٿا وڃن؛ هنن جا سڀ بادشاهہ ڪِريا پيا آهن: هنن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو مون کي سڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهن سڀني جي دلين ۾ سازش تنور جي باهہ جيان ڀڙڪي ٿي، ۽ پنهنجي سازشن وسيلي حاڪمن کي ساڙيو ٿا ڇڏين. وقتاً فوقتاً هنن جا سڀ حاڪم ۽ بادشاهہ سازشن وسيلي ماريا ويا آهن، ۽ ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو آهي جيڪو مون خداوند کي مدد لاءِ پڪاري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 7:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ٽئين ورهيہ ۾ بعشا هن کي ماري ڇڏيو ۽ پاڻ هن جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمريءَ ڏٺو تہ شهر وٺجي ويو، تڏهن هو بادشاهہ جي گهر جي قلعي ۾ ويو، ۽ پنهنجي مٿان بادشاهہ جي گهر کي باهہ ڏيئي ساڙيائين، ۽ مري ويو.


پر جيڪي ماڻهو عمريءَ جي پٺيان لڳا هئا سي انهن تي غالب آيا جي تبني بن جينت جي پٺيان لڳا هئا: انهيءَ طرح تبني مئو، ۽ عمري بادشاهہ ٿيو.


۽ هن چيو تہ اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙيو. ۽ هنن اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙي اُن ڪترڻ واريءَ جاءِ جي کڏ تي ڪُهي ڇڏيو، ۽ اُهي ٻائيتاليهہ ماڻهو هئا؛ انهن مان ڪوبہ ڪونہ ڇڏيائين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اهو خط هنن ماڻهن کي مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي پٽن کي جهلي، ستر ئي ڄڻن کي قتل ڪيو، ۽ اُنهن جون سسيون ٽوڪريءَ ۾ وجهي يزرعيل ۾ ڏياري موڪليائون.


۽ سلوم بن يبيس هن جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ماڻهن جي روبرو هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.


۽ مناحم بن جادي، ترضہ مان چڙهي سامريہ ۾ آيو، ۽ سلوم بن يبيس کي سامريہ ۾ شڪست ڏنائين ۽ ڪُٺائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.


۽ فقح بن رملياہ، جو هن جو سپهہ سالار هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ارجوب ۽ اريہ سان گڏجي، سامريہ ۾، بادشاهہ جي گهر واري قلعي ۾ هن کي ماريائين، ۽ جلعادين مان پنجاهہ ماڻهو هن سان گڏ هئا: ۽ انهيءَ کي قتل ڪري سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.


۽ هوسيع بن ايلہ، فقحہ بن رملياہ جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کي ماري قتل ڪيائين، ۽ يوتام بن عزرياہ جي ويهين ورهيہ ۾، هن جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.


۽ ياهوءَ پنهنجي سڄي زور سان ڪمان ڪشي يورام جي ٻنهي ٻانهن جي وچ ۾ تير هنيو، جو هن جي دل منجهان لنگهي ويو، ۽ هو پنهنجي رٿ منجهہ ڪِري پيو.


۽ هن چيو تہ انهيءَ زال کي هيٺ ڪيرائي وجهو: تنهن تي هنن هيٺ ڪيرائي وڌس: ۽ هن جو ڪجهہ رت ڀت تي ۽ گهوڙن تي اچي پيو: ۽ هو کيس پيرن هيٺ لتاڙي هليو ويو.


پر جيڪي دل ۾ بيدين آهن سي غضب گڏ ٿا ڪن: تن کي جڏهن هو ٻڌي قابو ٿو ڪري تڏهن هو مدد لاءِ رڙيون نٿا ڪن.


سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.


انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.


انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.


۽ مون گهڻو ئي ڳوليو تہ من انهن ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي جو پناهہ جي ڀت جوڙي، ۽ انهي ملڪ لاءِ منهنجي اڳيان ڀڳل هنڌ تي بيهي تہ آءٌ کين ناس نہ ڪريان، پر اهڙو ڪوبہ مون نہ ڏٺو.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


هاڻي تنهنجو بادشاهہ ڪٿي آهي، جو توکي تنهنجن سڀني شهرن ۾ اچي بچائي؟ ۽ تنهنجا قاضي ڪٿي آهن جن جي نسبت ۾ تو چيو تہ مون کي بادشاهہ ۽ امير ڏي؟


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن اڳيان ثابتي ٿي ڏئي: انهي هوندي بہ هو خداوند پنهنجي خدا وٽ نہ موٽيا آهن، ۽ نہ ايتري چوندي بہ انهي کي ڳوليو اٿن.


هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.


هنن بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، پر نہ منهنجي طرفان؛ هنن سردار بنايا آهن، ۽ مون کي انهي جي خبر ئي ڪانهي: هنن پنهنجي روپي، ۽ پنهنجي سون مان پنهنجي لاءِ بُت ٺاهيا آهن، انهي لاءِ تہ وڍجي وڃن.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ