Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 7:13 - Sindhi Bible

13 ويل هجي انهن لاءِ! ڇالاءِ جو اهي مون کان گمراهہ ٿي ويا آهن؛ موت هجي انهن جي لاءِ! ڇالاءِ جو هو مون کان باغي ٿي ويا آهن: جيتوڻيڪ مون هنن کي بچائڻ گهريو تہ بہ هنن منهنجي آڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ويل آهي انهن جي لاءِ! جن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، موت آهي انهن جي لاءِ! جيڪي مون کان باغي ٿي ويا آهن، توڙي جو مون کين بچائڻ ٿي گھريو، تہ بہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 7:13
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اهي تنهنجا ٻانها، ۽ تنهنجي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت، ۽ پنهنجي مضبوط هٿ سان ڇڏايو آهي.


ڪنهن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ۽ قادر مطلق اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟


هن انهن کي عداوت رکڻ واري جي هٿان بچايو، ۽ کين دشمن جي هٿان ڇڏايائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ انهن باغي ٻارن تي افسوس آهي، جيڪي صلاحون ڪن ٿا؛ پر مون سان نہ؛ جيڪي ڍڪ ڍڪين ٿا، پر منهنجي روح جو نہ؛ انهيءَ لاءِ تہ هو گناهہ تي گناهہ ڪندا وڃن.


اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ مصر ۾ ٿا وڃن؛ انهيءَ لاءِ تہ فرعون جي زور سان زوراور ٿين، ۽ مصر جي پاڇي تي ڀروسو رکن!


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.


جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.


ڇالاءِ جو هن چيو تہ يقيناً، هيءَ منهنجي اُمت آهي؛ اهي اهڙا ٻار آهن، جي دغا نہ ڪندا: تنهن ڪري هو انهن جو نجات ڏيندڙ ٿيو.


خداوند پنهنجي قوم بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هي بہ اُنهيءَ طرح رلڻ پسند ٿا ڪن؛ هنن پنهنجن پيرن کي نہ روڪيو آهي: تنهن ڪري خداوند هنن کي قبول نٿو ڪري؛ هاڻي هو هنن جي بدڪاري ياد ڪندو، ۽ هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:


اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.


۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪندس، جيئن مون اوهان جن سڀني ڀائرن کي، يعني افرائيم جي سڄي نسل کي اُڇلائي ڇڏيو آهي.


ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي.


۽ هيئن ٿيو آهي تہ تو پنهنجي ڪل شرارت کانپوءِ (خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ويل، ويل هجي توتي!)


اوهين جو اسرائيل جي ملڪ بابت اهو پهاڪو ڪم ٿا آڻيو، ۽ چئو ٿا تہ پيءُ کٽي ڊاک کاڌي آهي ۽ ٻارن جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟


انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا هاڻي ٻڌو: منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟


منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.


افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.


پر جيئن جيئن مون هنن کي سڏيو، تيئن هو پري ٿيندا ويا: هنن بعليم لاءِ قربانيون ڪيون، ۽ اُڪريل مورتن لاءِ لوبان ساڙيو.


هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو.


جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.


هو پنهنجي شرارت سان بادشاهہ کي خوش ٿا ڪن ۽ سردارن کي پنهنجن ڪوڙن سان.


جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو.


منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.


تڏهن اُهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا، ۽ چيائونس تہ هي تو ڇا ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو هنن ماڻهن کي خبر هئي تہ هو خدا جي حضور مان ڀڳو آهي، جو پاڻ هنن کي ٻڌايو هئائين.


پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.


اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.


ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


۽ تون ياد رکج تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي هي حڪم ٿو ڏيان.


جي اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تہ هن کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ سندس ڪلام اسان ۾ نہ آهي.


۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ