Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 7:10 - Sindhi Bible

10 ۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن اڳيان ثابتي ٿي ڏئي: انهي هوندي بہ هو خداوند پنهنجي خدا وٽ نہ موٽيا آهن، ۽ نہ ايتري چوندي بہ انهي کي ڳوليو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. تنهن هوندي بہ هو مون خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ڪين ٿا ٿين، ۽ ڪنهن بہ صورت ۾ هو منهنجا طالبو نہ ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 7:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪار پنهنجي مغرور چهري سان ظاهر ٿو ڪري تہ هو نٿو ڳولي؛ هن جا سڀ خيال هي آهن، تہ خدا آهي ئي ڪونہ.


خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.


خدا آسمان مان بني آدم ڏانهن نهاريو، تہ ڏسي تہ ڪو اهڙو سمجهو آهي جو خدا جي ڳولا ٿو ڪري.


جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.


ارامي اڳيان ۽ فلستي پٺيان؛ ۽ اهي وات پٽي اسرائيل کي ڳهي ويندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


آءٌ هنن کي پاتال جي هٿان ملهہ ڏيئي ڇڏائيندس، آءٌ هنن کي موت کان ڇڏائيندس: اي موت، تنهنجون مريون ڪٿي آهن؟ اي قبر، تنهنجي تباهي ڪٿي آهي؟ رحم منهنجين اکين کان لڪي ويندو.


۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن تي ثابتي ٿي ڏئي: تنهنڪري اسرائيل ۽ افرائيم پنهنجي بدڪاريءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندا؛ يهوداہ بہ انهن سان گڏ آٿڙبو.


اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.


هو سڀ تنور وانگر گرم آهن، ۽ پنهنجن قاضين کي ڳهي ٿا وڃن؛ هنن جا سڀ بادشاهہ ڪِريا پيا آهن: هنن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو مون کي سڏي.


۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.


سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ