Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 6:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جيئن چورن جون ٽوليون ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لڪي ويهن، تيئن ڪاهنن جي جماعت رستي ۾ سڪم ڏانهن ويندي خون ٿي ڪري: هائو، هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اوهان جي ڪاهنن جي جماعت لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي، جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن. بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ رستي ۾ قتل ٿا ڪن. بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 6:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.


تنهن کان پوءِ يربعام افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم اڏي اُتي رهڻ لڳو؛ ۽ اُتان وڃي فنوايل اڏيائين.


تنهن کانپوءِ اسين پهرين مهيني جي ٻارهين تاريخ يروشلم ۾ وڃڻ لاءِ، اهوا نديءَ کان روانا ٿياسين؛ ۽ اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، ۽ انهيءَ اسان کي دشمنن جي هٿان، ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي هٿان بچائي ورتو.


۽ خداوند مون کي فرمايو تہ يهوداہ جي ماڻهن ۾، ۽ يروشلم جي رهاڪن ۾ هڪڙو منصوبو معلوم ٿو ٿئي.


ان جي وچ ۾ سندس نبين جو منصوبو پيو هلي، ڄڻ تہ ڪو گجندڙ شينهن شڪار کي پيو ڦاڙي: هنن ماڻهو ڳهي ڇڏيا آهن؛ هو خزانو ۽ قيمتي شيون کڻن ٿا: هنن ان جي وچ ۾ گهڻيون زالون بيواهہ ڪيون آهن.


هنن جا سردار سندن وچ ۾ انهن بگهڙن وانگر آهن، جي شڪار ڦاڙيندا آهن، انهي لاءِ تہ رت وهائين ۽ ماڻهن کي ناس ڪن، ۽ انهي طرح ڪپت سان فائدو حاصل ڪن.


تو ۾ رت هارڻ جي لاءِ چغلخور ماڻهو رهيا آهن: ۽ هنن تو ۾ جبلن تي ويهي کاڌو آهي: تنهنجي وچ ۾ هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


انهي طرح آءٌ تنهنجي شهوت پرستي ۽ تنهنجي زناڪاري، جا تو مصر جي ملڪ مان آندي، سا تو مان ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهنڪري تون پنهنجون اکيون هنن ڏانهن نہ کڻندينءَ ۽ نہ وري مصر کي ياد ڪندينءَ.


هاڻي آءٌ سندس يارن جي اڳيان سندس شهوت پرستي ظاهر ڪندس، ۽ ڪوبہ هن کي منهنجي هٿان نہ ڇڏائيندو.


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:


۽ فسادين وڏو ڪوس ڪيو آهي؛ پر آءٌ انهن سڀني جي ملامت ڪندڙ آهيان.


جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.


اي يعقوب جي گهراڻي جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌو، ڇالاءِ جو اوهين عدالت کي ڌڪاريو ٿا ۽ انصاف کي اونڌو ٿا ڪريو.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين.


هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:


تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.


۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن سڀني گڏجي هڪ دل ٿي وڏي آواز سان خدا کي پڪاري چيو، تہ اي خداوند، تون اهو آهين جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو سڀ خلقيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ