تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب بن ضروياہ مون سان ڇا ڪيو، يعني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سردارن ابنير بن نير، ۽ عماسا بن يتر سان ڇا ڪيائين؛ جن کي هن ڪُٺو، ۽ صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين، ۽ جنگ وارو رت پنهنجي چيلهہ تي ٻڌل ڪمربند تي، ۽ پنهنجن پيرن ۾ پيل جُتيءَ تي وڌائين.
اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو: