Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 6:11 - Sindhi Bible

11 اي يهوداہ، تنهنجي لاءِ بہ هڪڙو فصل تيار رکيو ويو آهي، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جا قيدي موٽائي آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهڙيءَ طرح اي يهوداہ وارؤ! مون اوهان جي لاءِ بہ سزا جو وقت مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 6:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ايوب پنهنجن دوستن جي لاءِ دعا گهري تڏهن خداوند ايوب جي قيد کي ڦيرائي ڇڏيو: ۽ خداوند جيڪي ايوب کي اڳي ڏنو هو تنهن کان ٻيڻو ڏنائينس.


جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن.


اي خداوند تون پنهنجي ملڪ تي مهربان ٿيو آهين؛ ۽ يعقوب جي قيدين کي موٽائي آندو اٿيئي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي ڌيءَ انهي ڳاهڻ جي پڙ وانگي آهي جنهن ۾ لتڙ ٿيندي آهي؛ اڃا ٿوري وقت کان پوءِ ان جي فصل جي لاباري جو وقت ايندو.


ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي.


پر هنن کي خداوند جي خيالن جي خبر ڪانهي، ۽ نہ هو انهي جي مصلحت سمجهن ٿا، ڇالاءِ جو هن انهن کي ائين گڏ ڪيو آهي، جيئن گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.


۽ اهو ئي ڪنارو يهوداہ جي باقي رهيلن جي لاءِ ٿيندو؛ انهي تي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا: اسقلون جي مڪانن ۾ هو شام جو اچي سمهندا؛ ڇالاءِ جو خداوند سندن خدا سندن سار لهندو، ۽ سندن قيدي موٽائي آڻيندو.


۽ ٻيو ملائڪ هيڪل مان نڪري آيو، ۽ جيڪو شخص بادل تي ويٺو هو، تنهن کي هو وڏي آواز سان پڪاري چوڻ لڳو تہ پنهنجو ڏاٽو هلاءِ ۽ لُڻ؛ ڇالاءِ جو لاباري جو وقت آيو آهي؛ جو زمين جو فصل پچي راس ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ