Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 6:10 - Sindhi Bible

10 اسرائيل جي گهراڻي ۾ مون هڪڙي هيبتناڪ شيءِ ڏٺي آهي: افرائيم ۾ زناڪاري آهي، اسرائيل پليت ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 مون اوهان اسرائيل وارن ۾ هڪڙي ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي، يعني اوهان ڏاڍي بت‌پرستي ڪندي پنهنجو پاڻ کي پليت ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 6:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن رد ڪئي، پر جيڪي جوان ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا ۽ سندس اڳيان بيهندا هئا، اُنهن سان صلاح مشورت ڪرڻ لڳو.


ڇالاءِ جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪيو، ۽ اسرائيل کان بہ گناهہ ڪرايائين؛ جنهنڪري هن خداوند اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو.


۽ ائين انهي ڪري ٿيو جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو، جنهن هنن کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿن مان ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ هو ٻين معبودن کان ڊنا،


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي.


يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.


يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.


۽ جڏهن اهولہ منهنجي ٿي تڏهن زناڪاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ پنهنجن سينڌن تي، يعني اسوري جي سندن پاڙيسري هئا، تن کي حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي،


اُهي سڀيئي جي اسور جا چونڊيل ماڻهو هئا، تن سان هن زناڪاري ڪئي: ۽ جن تي هن جو حد کان وڌيڪ پيار هو، ۽ انهن جي سڀني بُتن سان هن پاڻ کي ناپاڪ ڪيو.


زناڪاري، ۽ شراب، ۽ نئون شراب سمجهہ وڃايو ٿا ڇڏين.


منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.


افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو.


آءٌ افرائيم کي سڃاڻان ٿو، ۽ اسرائيل بہ مون کان لڪل نہ آهي: ڇالاءِ جو اي افرائيم، تو زنا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل پليت ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ