Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 5:7 - Sindhi Bible

7 هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هنن مون خداوند سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري هنن جو اولاد منهنجو نہ آهي، ۽ اهي ناجائز اولاد آهن. هاڻ اهي ۽ سندن اولاد هڪڙي مهيني جي اندر سندن ملڪيت سميت نيست وَ نابود ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 5:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي بچاءِ، ۽ پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ، جن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي.


مٿان پنهنجو هٿ ڊگهيري مون کي بچاءِ؛ ۽ وڏن وڏن پاڻين، يعني پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ.


منهنجو روح اوهان جن نون چنڊن کي ۽ اوهان جن مقرر ڪيل عيدن کي ڌڪاري ٿو: اهي منهنجي لاءِ تڪليف آهن: آءٌ انهن کان بيزار آهيان ۽ اهي برداشت ڪري نٿو سگهان.


هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين.


جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.


تحقيق جيئن ڪا زال دغا ڪري پنهنجي مڙس وٽان هلي وڃي، تيئن اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان مون سان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداهہ جي گهراڻي مون سان ڏاڍي دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.


تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.


آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس.


هائو، آءٌ هن جي اولاد تي رحم نہ ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي زنا جو اولاد آهن.


پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.


ويل هجي انهن لاءِ! ڇالاءِ جو اهي مون کان گمراهہ ٿي ويا آهن؛ موت هجي انهن جي لاءِ! ڇالاءِ جو هو مون کان باغي ٿي ويا آهن: جيتوڻيڪ مون هنن کي بچائڻ گهريو تہ بہ هنن منهنجي آڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ