Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 5:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن تي ثابتي ٿي ڏئي: تنهنڪري اسرائيل ۽ افرائيم پنهنجي بدڪاريءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندا؛ يهوداہ بہ انهن سان گڏ آٿڙبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. پر هاڻي افرائيم قبيلي بلڪ سڄي اسرائيل وارا انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري منهن ڀر ڪرندا. هائو، انهن سان گڏ يهوداہ وارا پڻ ٿاٻڙجي وڃي هيٺ ڪرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 5:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو.


ڪامل جي سچائي ان جي رهنمائي ڪري ٿي: پر شرير پنهنجي ئي شرارت جي ڪري ڪري پوندو.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


ڇالاءِ جو سچو ماڻهو ست ڀيرا ڪري ٿو ۽ وري اُٿي ٿو: پر شريرن کي آفت اونڌو ڪري ڪيرايو وجهي.


ڪا پيڙهي آهي جنهن جون اکيون ڪيترو نہ مٿي آهن، ۽ انهي جا ڇپر مٿي کنيل آهن.


ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.


هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.


جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين.


ڇالاءِ جو اسان جا قصور تنهنجي اڳيان وڌي ويا آهن، ۽ اسان جا گناهہ اسان جي برخلاف شاهدي ٿا ڀرين: ڇو تہ اسان جا قصور اسان سان آهن، ۽ اسانجين بدڪارين جي اسان کي خبر آهي:


جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.


۽ تون ڏينهن جو ٿاٻو کائيندين، ۽ نبي بہ تو سان گڏ رات جو ٿاٻو کائيندو؛ ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ کي ناس ڪري ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن اڳيان ثابتي ٿي ڏئي: انهي هوندي بہ هو خداوند پنهنجي خدا وٽ نہ موٽيا آهن، ۽ نہ ايتري چوندي بہ انهي کي ڳوليو اٿن.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي.


انهي ڪري اوهين پاڻ تي شاهدي ٿا ڀريو، تہ جن نبين کي قتل ڪيو، تن جا اسين ٻار آهيون.


هن چيس، تہ اي خراب نوڪر، تنهنجي ئي واتان آئون تنهنجو نبيرو ڪندس! جڏهن توکي سُڌ هئي تہ آئون سخت ماڻهو آهيان، ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان، ۽ جيڪي پوکيو ئي ڪين اٿم سو پيو لُڻان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ