انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟
تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.
هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.