Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 5:13 - Sindhi Bible

13 جڏهن افرائيم پنهنجي بيماري ڏٺي، ۽ يهوداہ پنهنجو ڦٽ ڏٺو، تڏهن افرائيم اسور وٽ ويو، ۽ ياريب جي بادشاهہ کي قاصد موڪلي گهرايائين: پر هو اوهان کي شفا ڏيئي نٿو سگهي، نڪي هو اوهان جو ڦٽ ڇُٽائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 5:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


پوءِ آخز اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو پٽ آهيان: اچي مون کي ارام جي بادشاهہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن مان بچاءِ، جو اُهي مون سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ٿا اچن.


انهي ڏينهن هو وڏي سڏ چوندو تہ آءٌ مشير ٿيڻ نہ ٿو گهران، ڇالاءِ جو منهنجي گهر ۾ نڪا ماني آهي نڪو ڪپڙو: اوهين مون کي قوم جو حاڪم نہ ڪريو.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تنهنجو درد لا علاج آهي، ۽ تنهنجو زخم سخت آهي.


۽ جڏهن اهولہ منهنجي ٿي تڏهن زناڪاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ پنهنجن سينڌن تي، يعني اسوري جي سندن پاڙيسري هئا، تن کي حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي،


هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو.


افرائيم هوا تي گذران ٿو ڪري، ۽ اُڀرندي جي واءُ جي پٺيان ٿو وڃي: هو هميشہ ڪوڙ ۽ ظلم وڌائيندو وڃي: هو اسور سان عهد اقرار ڪري ٿو، ۽ تيل مصر ۾ پهچايو ٿو وڃي.


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي.


افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا.


ڇالاءِ جو هو چڙهي اسور ڏانهن ويا آهن، جيئن ڪو جهنگلي گڏهہ پنهنجي منهن اڪيلو وڃي: افرائيم سينڌ ڀاڙي ڪيا آهن.


ڇالاءِ جو هن جا ڦٽ ڇُٽڻ جا ناهن: ۽ اُهو يهوداہ تائين، بلڪ منهنجي قوم جي دروازي تائين، يعني يروشلم تائين، اچي پهتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ