Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 5:10 - Sindhi Bible

10 يهوداہ جا سردار انهن وانگر آهن جي حد جا نشان کڻي ٿا ڇڏين: آءٌ انهن تي پنهنجي ڪاوڙ پاڻيءَ وانگر اوتي وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جي اڳواڻن اسرائيل جي علائقي تي ائين قبضو ڪيو آهي، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کان اڳتي وڌي وڃي. سو آءٌ انهن جي مٿان پنهنجو قهر ٻوڏ وانگر چاڙهي آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 5:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي ڪري هرڪو ديندار تنهنجي ملڻ وقت توکان دعا گهرندو: ۽ سچ پچ جڏهن وڏا پاڻي چڙهندا تڏهن انهيءَ تائين ڪين پهچندا.


انهن تي پنهنجو غضب نازل ڪر، ۽ تنهنجي غصي جو جوش کين وڪوڙي وڃي.


اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ وانگي اچيو گهيرين؛ ۽ اهي گڏجي مون کي ورائي ويا آهن.


جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.


انهيءَ قديم حد جي نشان کي نہ چور، جو تنهنجن ابن ڏاڏن هڻي ڇڏيو آهي.


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


جيئن چاندي کوري جي وچ ۾ پگهرندي آهي، تيئن اوهين بہ اُن جي وچ ۾ پگهري ويندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ڪاوڙ اوهان تي ڇنڊي آهي.


هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.


۽ پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهي گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون، ۽ اُهو ڪِري پيو ۽ برباد ٿي ويو.


پر جيڪو ٻُڌي ٿو ۽ عمل نٿو ڪري، سو اُنهي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ کانسواءِ زمين تي گهر اڏايو، ۽ جڏهن نئين مٿس اچي سٽڪا لاتا، تڏهن اُهو يڪدم ڪِري پيو ۽ بلڪل برباد ٿي ويو.


جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.


جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جا حد وارا نشان هٽائي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ