Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 5:1 - Sindhi Bible

1 اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 5:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، صبح جو سوير اُٿي ڏاڍيءَ تاڪيد سان نصيحت ڪري پئي چيو اٿم تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو.


تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو.


ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ اوهان جي شرارت ڪري اوهان سان ڪيو ويندو: پرهہ ڦٽيءَ مهل اسرائيل جو بادشاهہ قتل ڪيو ويندو.


آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


۽ جيئن چورن جون ٽوليون ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لڪي ويهن، تيئن ڪاهنن جي جماعت رستي ۾ سڪم ڏانهن ويندي خون ٿي ڪري: هائو، هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


افرائيم منهنجي خدا وٽ نگهبان هو: باقي نبي، سو انهي جي سڀني راهن ۾ پکين ڦاسائيندڙ جو دام آهي، ۽ هن جي خدا جي گهر ۾ دشمني آهي.


اي پير مرد اوهين ٻڌو، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهين ڪَن ڏيو. ڪڏهن اهڙي ڳالهہ اوهانجن ڏينهن ۾، يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ٿي آهي؟


اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو:


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


مون چيو تہ اي يعقوب جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اوهين ٻڌو: اوهان کي مناسب ناهي ڇا تہ اوهين عدالت کان واقف هجو؟


اي يعقوب جي گهراڻي جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌو، ڇالاءِ جو اوهين عدالت کي ڌڪاريو ٿا ۽ انصاف کي اونڌو ٿا ڪريو.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


هاڻي اي ڪاهن، اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي.


۽ هنن سيسرا کي چيو تہ ابي نوعم جو پٽ برق، تبور جي جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.


۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟


۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو.


۽ سموئيل چيو تہ ساري اسرائيل کي مصفاہ ۾ گڏ ڪريو، ۽ آءٌ اوهان جي لاءِ خداوند کان دعا گهرندس.


۽ هو مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا، ۽ پاڻي ڪڍيائون، ۽ خداوند جي اڳيان هاريائون، ۽ اُهو ڏينهن روزو رکيائون، ۽ اُتي چيائون تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو قاضي ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ