Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اهڙو حال ٿيو جو جهڙا ٻيا ماڻهو تهڙو ڪاهن: ۽ آءٌ هنن کي سندن افعالن جي ڪري سزا ڏيندس، ۽ سندن ڪمن جو بدلو ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو اوهين بہ اها ئي سزا ڀوڳيندا جيڪا ٻيا ماڻهو ڀوڳيندا، جهڙا اوهان جا افعال آهن، تهڙي ئي آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪيل ڪمن جو بدلو ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، سچي کي زمين تي بدلو ڏنو ويندو: تڏهن شرير ۽ گنهگار کي ڪيترو نہ زيادہ ڏنو ويندو:


ماڻهو پنهنجي ڪلام جي وسيلي چڱائيءَ سان ڍءُ ڪندو: ۽ هن جي هٿن جو ڪيتو کيس ڏنو ويندو.


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو.


اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


پر جيڪي لاوي، اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت مون کان پري ويا، ۽ پنهنجن بُتن جي پٺيان لڳي مون کان ڦري ويا؛ سي پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا.


ڇالاءِ جو هو سندن بُتن جي اڳيان سندن خدمت ڪندا هئا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر هئا؛ تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون پنهنجو هٿ هنن جي برخلاف کنيو، ۽ هو پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا.


۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو يزرعيل رک؛ ڇالاءِ جو ٿوري وقت کانپوءِ آءٌ يزرعيل جي خون جو وير ياهوءَ جي گهراڻي کان وٺندس، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي بادشاهي پوري ڪندس.


جڏهن منهنجي مرضي ٿيندي، تڏهن آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن ٻن گناهن جي لاءِ ٻڌا ويندا، تڏهن قومون ساڻن وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون.


خداوند جو يهوداہ سان بہ تڪرار آهي، ۽ هو يعقوب کي سندس راهن موافق سزا ڏيندو؛ انهي کي هو سندس ڪمن موافق بدلو ڏيندو.


ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي کڙيءَ کان ورتو؛ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو تڏهن خدا سان زور آزمايائين:


هو پنهنجين دلين ۾ ايترو ويچار نٿا ڪن تہ آءٌ سندن سڀ شرارت ياد ڪريان ٿو: هاڻي هنن جي بڇڙن ڪمن کين چوڌاري آڻي وڪوڙيو آهي؛ هو منهنجي منهن اڳيان آهن.


باقي منهنجي نذرانن جي قربانين لاءِ، هو گوشت قربان ڪري کائين ٿا؛ پر خداوند کين قبول نٿو ڪري: هاڻي هو سندن بدڪاري ياد ڪندو، ۽ گناهن جي سزا ڏيندو؛ هو مصر ۾ موٽي ويندا.


هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.


هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ