Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:7 - Sindhi Bible

7 جيئن هو وڌندا ويا تيئن منهنجو گناهہ ڪندا ويا: آءٌ هنن جي عزت مٽائي خواري ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهين ڪاهن تعداد ۾ جيئن جيئن وڌندا ويا، تيئن تيئن منهنجي خلاف وڌيڪ گناهہ ٿيندا ويا. اوهان کي جنهن مرتبي جي ڪري عزت ڏني ٿي وڃي، سو خواريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اسين وڏا ڏوهاري ٿيا آهيون؛ ۽ پنهنجن گناهن ڪري اسين، ۽ اسان جا بادشاهہ، ۽ اسان جا ڪاهن، ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾، ترار، ۽ قيد، ۽ ڦرلٽ، ۽ شرمندگيءَ جي لاءِ ڏنا ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.


هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو.


آءٌ هنن کي پاتال جي هٿان ملهہ ڏيئي ڇڏائيندس، آءٌ هنن کي موت کان ڇڏائيندس: اي موت، تنهنجون مريون ڪٿي آهن؟ اي قبر، تنهنجي تباهي ڪٿي آهي؟ رحم منهنجين اکين کان لڪي ويندو.


هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.


هو کائيندا پر ڍءُ نہ ٿيندن؛ هو زناڪاري ڪندا پر وڌندا ڪين: ڇالاءِ جو هنن خدا جو خيال ڇڏي ڏنو آهي.


اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:


۽ جيئن چورن جون ٽوليون ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لڪي ويهن، تيئن ڪاهنن جي جماعت رستي ۾ سڪم ڏانهن ويندي خون ٿي ڪري: هائو، هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


باقي افرائيم، سو ان جو شان شوڪت پکيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڪوبہ ٻار ڪونہ ٿيندو، ۽ ڪابہ پيٽ سان نہ ٿيندي، ۽ نہ ڪا ٻار واري ٿيندي.


تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.


انهي ڪري جيئن اوهين منهنجين راهن تي نہ هليا آهيو، ۽ عدالت ۾ پاسخاطري ڪئي اٿوَ؛ تيئن مون بہ اوهان کي نفرت جو سبب، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان نيچ ڪيو آهي.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ