Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:6 - Sindhi Bible

6 منهنجي قوم علم نہ هئڻ ڪري ناس ٿي ويئي آهي: تو معرفت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ توکي بہ رد ڪندس، تہ تون منهنجو ڪاهن نہ ٿين: جڏهن تو پنهنجي خدا جي شريعت وساري ڇڏي آهي، تڏهن آءٌ بہ تنهنجا ٻار وساري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:6
54 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي گهڻي مدت تائين، اسرائيلي سچي خدا کانسواءِ، ۽ سيکاريندڙ ڪاهنن کانسواءِ، ۽ شريعت کانسواءِ پئي رهيا آهن:


پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ترار سان چٽ ٿيندا، ۽ بيعقليءَ ۾ مري ويندا.


منهنجن دشمنن تنهنجي ڪلام کي وساري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري منهنجي غيرت مون کي کائي ويئي آهي.


ر منهنجي مصيبت تي نظر ڪر، ۽ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجي شريعت نٿو وساريان.


بدڪارن جون رسيون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن؛ پر مون تنهنجي شريعت کي ڪين وساريو.


ڇالاءِ جو تون ڏکويل ماڻهن کي بچائيندين؛ پر مغرورن جون اکيون هيٺ ڪندين.


سچن جا چپ گهڻن کي کاڌو ڏين ٿا ۽ بي عقل سمجهہ نہ ڌارڻ ڪري مرن ٿا.


روح علم ڌاران رهي، سو بہ چڱو ناهي؛ ۽ جيڪو پنهنجن پيرن سان تڪڙ ڪري ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.


ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري.


ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


۽ وري اهو ڪتاب ڪنهن اڻ پڙهيل کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ مون کي پڙهڻ نٿو اچي.


باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


تنهن ڪري منهنجي قوم قيد ۾ ويئي آهي، يعني علم نہ رکڻ ڪري: ۽ انهن جا آبرو وارا ماڻهو بک ٿا مرن، ۽ انهن جا عام ماڻهو اُڃ سان پاهہ ٿا ٿين.


ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


۽ هو پنهنجي قوم کي پاڪ ۽ عام جي وچ ۾ فرق سيکارين، ۽ ناپاڪ ۽ پاڪ جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرائين.


هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.


۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.


آءٌ اوهان جي ڌيئن کي ڪسب ڪرڻ وقت سزا نہ ڏيندس، ۽ نہ اوهانجن نهن کي زناڪاري ڪندي؛ ڇالاءِ جو هو پاڻ ڪسبين سان گڏجي پاسي تي نڪري وڃن ٿا، ۽ ڪڃرين سان گڏ هو قرباني ٿا ڪن: ۽ جيڪا قوم نہ سمجهندي سا ناس ڪئي ويندي.


هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:


ڇالاءِ جو مون کي رحم پسند آهي، نہ قرباني؛ ۽ خدا جي ڄاڻپ، سوختني قربانين کان وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا.


ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.


قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.


جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.


۽ يشيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو: ۽ دائود مان سليمان انهيءَ جي پيٽان پيدا ٿيو جا پهريائين اورياہ جي زال هئي.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.


هاڻي عيليءَ جا ٻہ پٽ شرير هئا؛ هو خداوند کي نہ سڃاڻندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ