Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:2 - Sindhi Bible

2 ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اٽلندو هتي ڦٽ لعنت آهي، ۽ ڪو ڪنهن سان سچو نہ آهي. هائو، هتي خونريزي، چوري ۽ زناڪاريءَ جو راڄ آهي. ڏوهہ ايترا تہ وڌي ويا آهن جو خونن مٿان خون پيا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:2
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس.


زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.


اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.


ڇالاءِ جو نڪي اسرائيل کي نڪي يهوداہ کي سندن خدا، لشڪرن جي خداوند، ڇڏي ڏنو آهي؛ جيتوڻيڪ هنن جو ملڪ اسرائيل جي پاڪ خدا جي ڏوهہ سان ڀريل آهي.


جهڙيءَ طرح کوهہ پنهنجو پاڻي اُڇلائي ڪڍي ٿو تيئن هو پنهنجي شرارت اُڇلي ٿو: انهي ۾ زبردستي ۽ مار پئي ٻڌجي؛ منهنجي اڳيان سدائين بيماري ۽ زخم آهن.


اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.


زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي.


اوهان شرارت جا هر ڏنا آهن، ۽ بدڪاري لڻي اٿوَ؛ اوهان ڪوڙ جو ڦر کاڌو آهي، ڇالاءِ جو توکي پنهنجي رستي تي، ۽ پنهنجن زور وارن ماڻهن جي گهڻائي تي ڀروسو هو.


هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي.


افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.


افرائيم پنهنجن ڪمن ڪري تمام گهڻي ڪاوڙ ڏياري آهي، تنهنڪري هن جو رت سندس مٿان ئي رهندو، ۽ ان جي ملامت سندس خداوند مٿس موٽائي آڻيندو.


۽ فسادين وڏو ڪوس ڪيو آهي؛ پر آءٌ انهن سڀني جي ملامت ڪندڙ آهيان.


جلعاد انهن جو شهر آهي جي بدڪاري ٿا ڪن، انهي تي رت جا داغ آهن.


۽ جيئن چورن جون ٽوليون ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لڪي ويهن، تيئن ڪاهنن جي جماعت رستي ۾ سڪم ڏانهن ويندي خون ٿي ڪري: هائو، هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.


هو پنهنجي شرارت سان بادشاهہ کي خوش ٿا ڪن ۽ سردارن کي پنهنجن ڪوڙن سان.


اُهي سڀ زاني آهن؛ اُهي نانواين جي تپايل تنور وانگر آهن؛ اٽي ڳوهڻ کان وٺي اُن جي خمير ٿيڻ تائين، هو باهہ کي چورڻ کان بس نٿو ڪري.


اوهين جي نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو، جي انهن جي کل پَٽي لاهي ٿا وٺو، ۽ انهن جو گوشت سندن هڏن تان روڙي ٿا وٺو؛


اي يعقوب جي گهراڻي جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌو، ڇالاءِ جو اوهين عدالت کي ڌڪاريو ٿا ۽ انصاف کي اونڌو ٿا ڪريو.


ڇا شرير جي گهر ۾ اڃا شرارت جا خزانا آهن ۽ ڪوڙا وٽ، جي ڪراهت جهڙا آهن؟


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


افسوس آهي انهي شهر تي، جو فسادي، ۽ پليت، ۽ ظالم آهي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها لعنت آهي جا سڄي ملڪ تي نازل ٿيندي: ۽ انهيءَ موجب سڀڪو چور، ۽ ڪوڙي قسم کائڻ وارو هتان وڍيو ويندو.


لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ سچائيءَ سان عدالت ڪريو، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ تي مهرباني ۽ رحم ڪري:


انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي.


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ: ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي، تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


۽ جن خداوند يسوع کي توڙي نبين کي ماري وڌو، ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون، اُهي خدا کي نٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن؛


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ