Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:18 - Sindhi Bible

18 هن جو شراب کَٽو ٿي پيو آهي: هو سدائين زناڪاري پيا ڪن؛ ان جي حاڪمن کي خواري پسند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهي مئي خوريءَ ۾ مست ٿي زناڪاريءَ ۾ مشغول ٿي ويا آهن، اهي پنهنجي عزت بدران خواريءَ کي پسند ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس.


قومن جا سردار گڏ ٿيا آهن تہ ابرهام جي خدا جي اُمت ٿين: ڇو جو زمين جون ڍالون خدا جون آهن؛ هو وڏي اقبال وارو آهي.


تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟


پر تو پنهنجي حسن تي ڀروسو رکيو، ۽ پنهنجي ناموس جي ڪري زناڪار ٿئينءَ، ۽ جيڪو لنگهيو ٿي تنهن سان تو زنا ٿي ڪئي: اُهو حسن انهي جو ٿي ٿيو.


هو کائيندا پر ڍءُ نہ ٿيندن؛ هو زناڪاري ڪندا پر وڌندا ڪين: ڇالاءِ جو هنن خدا جو خيال ڇڏي ڏنو آهي.


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.


ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهان جا قصور ڪيترا گهڻا آهن، ۽ اوهان جا گناهہ ڪيترا نہ وڏا آهن؛ اوهين جي سچن کي ڏکويو ٿا، ۽ رشوت وٺو ٿا، ۽ مسڪين کي دروازي ۾ سندس حق کان هڪالي ٿا ڪڍو.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.


تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ