Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:15 - Sindhi Bible

15 جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:15
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ٿي رکيائين ۽ انهيءَ جي حڪمن تي ٿي هليو، ۽ نہ اسرائيلين جي ڪمن موافق.


تنهن کانسواءِ هن يهوداہ جي جبلن ۾ مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيائين، ۽ يهوداہ کي گمراهہ ڪري ڇڏيائين.


اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.


تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.


۽ جيتوڻيڪ هو چون ٿا تہ جيئري خدا جو قسم آهي؛ تہ بہ پڪ هو ڪوڙو قسم ٿا کڻن.


باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.


سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.


آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.


افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.


افرائيم هوا تي گذران ٿو ڪري، ۽ اُڀرندي جي واءُ جي پٺيان ٿو وڃي: هو هميشہ ڪوڙ ۽ ظلم وڌائيندو وڃي: هو اسور سان عهد اقرار ڪري ٿو، ۽ تيل مصر ۾ پهچايو ٿو وڃي.


يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.


۽ يعقوب آرام جي زمين ڏانهن ڀڳو، ۽ اسرائيل زال جي خاطر ٻانهو ٿيو، ۽ زال جي لاءِ رڍون چاريائين.


منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.


اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!


هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.


بيت ايل ۾ اچو ۽ گناهہ ڪريو، جلجال ۾ اچو ۽ گناهہ وڌايو، هر صبح پنهنجون قربانيون چاڙهيو، ۽ هر ٽئين ڏينهن پنهنجون ڏهاڪيون آڻيندا رهو.


پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو.


۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون.


جيڪي سامريہ جي گناهہ جو قسم کڻن ٿا، ۽ چون ٿا تہ اي دان، تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، ۽ بيرسبع جي واٽ جو قسم آهي؛ سي سڀ ڪِرندا ۽ وري ڪڏهن نہ اُٿندا.


۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛


۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.


۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ