Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:14 - Sindhi Bible

14 آءٌ اوهان جي ڌيئن کي ڪسب ڪرڻ وقت سزا نہ ڏيندس، ۽ نہ اوهانجن نهن کي زناڪاري ڪندي؛ ڇالاءِ جو هو پاڻ ڪسبين سان گڏجي پاسي تي نڪري وڃن ٿا، ۽ ڪڃرين سان گڏ هو قرباني ٿا ڪن: ۽ جيڪا قوم نہ سمجهندي سا ناس ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر آءٌ انهن کي سندن زناڪاريءَ جي سزا ڪين ڏيندس، ڇوجو انهيءَ بدڪاريءَ لاءِ اوهين خود مرد ڏوهدار آهيو. اوهين پاڻ پوڄا ڪندي انهن عورتن سان زنا ٿا ڪريو، ۽ انهن عورتن سان گڏ بتن آڏو قربانيون ٿا ڪريو. جيئن چوڻي آهي تہ ’جيڪا قوم بي‌سمجھہ آهي، سا تباهہ ٿي ويندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن لونڊي باز ماڻهن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ جيڪي بت هن جي ابن ڏاڏن جوڙيا هئا سي سڀ هن ڪڍي ڇڏيا.


۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي لونڊي باز هئا، جتي زالون يسيرت جي لاءِ پردا اُڻنديون هيون، تن جا گهر ڊهرائي ڇڏيائين.


خراب ماڻهو انصاف نٿا سمجهن، پر جيڪي خداوند جا طالب آهن سي سڀ ڳالهيون سمجهن ٿا.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن.


گهڻا پاڻ کي پاڪ ڪندا، ۽ پاڻ کي صاف ڪندا، ۽ سڌريل ٿيندا؛ پر شرير شرارت جا ڪم ڪندا؛ ۽ شريرن مان ڪوبہ نہ سمجهندو: پر جيڪي ڏاها هوندا، سي ئي سمجهندا.


ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو.


هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:


هو غريبن جي مٿي جي مٽيءَ جي لالچ ۾ پيا سهڪن، ۽ حليمن کي سندن راهہ کان ٿا ڦيرائين: ۽ پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساڳي ڇوڪريءَ وٽ وڃي، منهنجي پاڪ نالي کي ناپاڪ ٿا ڪن.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


انهي طرح اسرائيلي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا: ۽ خداوند کي اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.


اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نٿا سمجهو؟ ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجو ڪلام ٻُڌڻ نٿا گهُرو.


سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛


يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪو ڪڃريءَ سان گڏ ٿو ٿئي، سو اُنهي سان هڪ بدن ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”اُهي ٻئي هڪڙو جسم ٿي پوندا.“


ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛


اسرائيلين جي ڌيئرن مان ڪابہ ڪسبياڻي نہ ٿئي، ۽ نڪي اسرائيلين جي پٽن مان ڪو لونڊو ٿئي.


پر جي اوهان کي اها تربيت نہ ملي، جنهن ۾ سڀ شريڪ ٿيا آهن، تڏهن اوهين حرامزادا ٿيا، نہ سچا پٽ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ