Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:13 - Sindhi Bible

13 هو جبلن جي چوٽين تي قربانيون ٿا ڪن، ۽ ٽڪرين تي شاهہ بلوط ۽ ديودارن، ۽ تارپين جي وڻ هيٺ لوبان ٿا ساڙين، ڇالاءِ جو انهن جي ڇانوَ چڱي آهي: تنهنڪري اوهان جون ڌيئون ڪسب ٿيون ڪمائين، ۽ اوهان جون ننهون زناڪاريون ٿيون ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن. ٽڪرين تي جيڪي شاهہ‌بلوط، ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن، تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جون نوجوان ڌيئرون، ۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:13
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ائين انهي ڪري ٿيو جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو، جنهن هنن کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿن مان ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ هو ٻين معبودن کان ڊنا،


۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي لونڊي باز هئا، جتي زالون يسيرت جي لاءِ پردا اُڻنديون هيون، تن جا گهر ڊهرائي ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو جيڪي شاهہ بلوط اوهان کي پسند آهن تن کان هو شرمندا ٿيندا، ۽ جيڪي باغ اوهان پسند ڪيا آهن تن جي لاءِ اوهين لڄي ٿيندا.


اوهين، جي شاهہ بلوطن وٽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ عيش عشرت ۾ گرم ٿا ٿيو؛ جي ماٿرين ۾، ۽ ٽڪرين جي ڦاٽن ۾ ٻار ٿا ڪهو؟


مٿانهين ۽ اُتانهين جبل تي تو پنهنجو هنڌ وڇايو آهي: قرباني چاڙهڻ لاءِ بہ تون اتي چڙهي وئين.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي.


يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.


جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟


۽ پنهنجن ڪپڙن مان ڪي ڪڍي تو پنهنجي لاءِ مٿانهان مڪان جوڙيا، ۽ انهن کي جدا جدا رنگن سان سينگاري انهن تي بہ زنا ڪئي: اهڙيون ڳالهيون نہ وري اينديون ۽ نہ وري ائين ٿيندو.


رستي جي سڀ ڪنهن ڪُنڊ تي تو پنهنجو مٿانهون مڪان ٺاهيو آهي، ۽ پنهنجي سونهن نفرت جهڙي ڪئي اٿيئي، ۽ جيڪو ٿي لنگهيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ پنهنجي زناڪاري وڌيڪ ٿي ڪئي.


۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا.


آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.


پر جيئن جيئن مون هنن کي سڏيو، تيئن هو پري ٿيندا ويا: هنن بعليم لاءِ قربانيون ڪيون، ۽ اُڪريل مورتن لاءِ لوبان ساڙيو.


۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ