Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:12 - Sindhi Bible

12 منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ڪاٺيءَ جي پتلي کي کوڙي ان کان ئي سوال ٿي ڪري. هائو، ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڪن ٻين شين کان پڻ اهي صلاح مشورو گھرن ٿا. جيئن ڪا عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڪسبياڻي بڻجي ٻين وٽ وڃي ٿي، تيئن ئي اهي مون پنهنجي خدا کي ڇڏي بتن جي پٺيان لڳا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:12
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ائين انهي ڪري ٿيو جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو، جنهن هنن کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿن مان ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ هو ٻين معبودن کان ڊنا،


پر اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو آهين. ۽ يهوداہ کي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيو اٿيئي، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو آهي؛ ۽ تو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي مان بہ پنهنجا ڀائر ڪُٺا آهن، جي توکان چڱا هئا:


انهيءَ طرح اهي پنهنجي ڪمن جي ڪري پليت ٿيا، ۽ پنهنجي افعالن جي ڪري زناڪار ٿي پيا.


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪي تو کان پري رهن ٿا سي فنا ٿي ويندا: ۽ جيڪي توکان ڦري بي وفا ٿيا آهن، تن کي تو برباد ڪيو آهي.


پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.


جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ.


۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن.


۽ جيڪي بہ اوهان جي دل ۾ ٿو اچي سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو؛ جو اوهين چئو ٿا تہ اسين بہ قومن جهڙا ۽ ملڪن جي قبيلن جهڙا ٿينداسين، ۽ ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.


ڇالاءِ جو بابل جو بادشاهہ رستي جي ڌار ٿيڻ واري هنڌ، يعني ٻن رستن جي چوٽيءَ وٽ، فال وجهڻ لاءِ بيٺو آهي؛ هن تيرن کي لوڏيو، هن تيرافيم کان پڇا ڪئي، هن جگر ۾ نظر ڪئي آهي:


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:


اسرائيل جي گهراڻي ۾ مون هڪڙي هيبتناڪ شيءِ ڏٺي آهي: افرائيم ۾ زناڪاري آهي، اسرائيل پليت ٿيو آهي.


اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.


۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان، ۽ انهي جي گهراڻي کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي، ۽ جيڪي انهي سان گڏجي زنا ڪندا، ۽ مولڪ جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندا، تن سڀني کي سندن قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


اها جهالر اوهان جي هن ڪم ايندي، تہ اوهين انهيءَ کي ڏسي، خداوند جا سڀ حڪم ياد ڪريو، ۽ عمل ۾ آڻيو: ۽ اوهين پنهنجين اکين ۽ پنهنجيءَ دل جي تابع ٿي، زناڪاري نہ ڪريو؛ جيئن هن وقت تائين ڪندا آيا آهيو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


تڏهن هنن چيس تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ تون خدا کان پڇي ٻڌاءِ تہ اسان کي خبر پوي تہ جيڪو رستو اسين وٺي ٿا وڃون، سو سڳورو ٿيندو يا نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ