Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 4:11 - Sindhi Bible

11 زناڪاري، ۽ شراب، ۽ نئون شراب سمجهہ وڃايو ٿا ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ائين لڳي ٿو تہ منهنجي قوم نئين توڙي پراڻي مئي پئي پئي پنهنجو هوش وڃائي ويٺي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 4:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي، نشيدار پيئڻ جي شيءِ جهيڙا ڪندڙ آهي؛ جيڪو انهن جي ڪري مست ٿئي ٿو سو ڏاهو نہ آهي.


اي لموايل، اهو بادشاهن جي لائق ناهي، تہ شراب پيئن ۽ نہ ائين چوڻ بادشاهن جي لائق آهي تہ شراب ڪٿي آهي؟


جيڪو ڪنهن زال سان زنا ڪري ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي؛ جيڪو اهو ڪندو سو پنهنجي جان ناس ڪندو.


يقين آهي تہ ظلم زبردستي ڏاهي ماڻهوءَ کي بي عقل ٿي ڪري؛ ۽ رشوت سمجهہ کي ناس ڪيو ڇڏي.


پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن.


منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.


هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:


افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا.


جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو:


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ