Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 3:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو مون چانديءَ جي پندرهن سڪن ۽ هڪ سؤ پنجاهہ ڪلوگرام جَون جي عيوض اها عورت پنهنجي لاءِ خريد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 3:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح مون تنهنجي گهر ۾ ويهہ ورهيہ گذاريا آهن. مون چوڏهن ورهيہ تنهنجين ڌيئرن جي لاءِ، ۽ ڇهہ ورهيہ تنهنجي مال جي لاءِ تو وٽ پورهيو ڪيو: ۽ تو منهنجو اُجورو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو.


ڪيترو بہ ڏاج سوغات اوهين گهرندا، سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.


پر جي انهيءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين زالن جي ڏاج جيترا پئسا ڏئي.


ڇالاءِ جو ڊاک جي منهہ جي ڏهن ايڪڙن مان هڪڙو بٿ پيدا ٿيندو ۽ ٻج جو هڪ هومر هڪڙو ايفہ مس پيدا ڪندو.


ايفہ ۽ بٿ هڪڙي ئي وزن جو هئڻ گهرجي؛ بٿ خومر جو ڏهون حصو هجي، ۽ ايفہ بہ خومر جو ڏهون حصو هجي: انهي جو وزن خومر موجب هجي.


۽ مون هن کي چيو تہ تون مون وٽ گهڻن ڏينهن تائين رهہ؛ ڪڃري ٿي نہ گذارج، ۽ نہ ڪنهن جي زال ٿج: ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ائين ئي ڪندس.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ جو ڪو ڀاڱو، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ جيترو ٻج انهي ۾ پوکي سگهجي، تنهن موجب تون انهي جي قيمت مقرر ڪج: جنهن ۾ هڪڙو هومر جوَن جو ٻج پوکي سگهجي، تنهن جي قيمت چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ٿيندي.


تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو.


هاڻي سائول جو ارادو هو تہ دائود کي فلستين جي هٿان مارائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ