Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 3:1 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 3:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن سڄي قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، يعني مردن توڙي زالن مان هرهڪ کي هڪڙي لولي، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. پوءِ هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.


پر خداوند هنن تي مهربان هو ۽ مٿن رحم ڪيائين، ۽ سندن لحاظ رکيائين، جو ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب سان عهد اقرار ڪيو هئائين، ۽ هنن کي چٽ ڪرڻ نٿي گهريائين ۽ نہ اڃا تائين هنن کي پنهنجي حضور مان پاسي ڪري ڇڏيائين.


۽ هن سڄيءَ قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، مردن توڙي زالن مان، هرهڪ کي هڪڙي ماني، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.


پوءِ بہ پنهنجي بي انداز رحمت سان تو هنن کي اصل نيست نابود نہ ڪري ڇڏيو، نڪي هنن کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.


ڏسو، جيئن غلامن جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿ ڏانهن، ۽ جيئن ٻانهين جون اکيون پنهنجي سائڻ جي هٿ ڏانهن پيون نهارين؛ تيئن اسان جون اکيون خداوند اسان جي خدا ڏانهن پيون نهارين، جيسين ڪہ هو اسان تي رحم ڪري.


۽ ٻئي ڏينهن، اُهي صبح جو سوير اُٿيا، ۽ سوختنيون قربانيون چاڙهيائون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون؛ پوءِ ماڻهو ويهي کائڻ پيئڻ، ۽ اُٿي رانديون ڪرڻ لڳا.


اوهين مون کي ڪشمش سان آرام ڏيو، ۽ صوفن سان مونکي تازو توانو ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ محبت جي بيمار آهيان.


اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.


تحقيق جيئن ڪا زال دغا ڪري پنهنجي مڙس وٽان هلي وڃي، تيئن اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان مون سان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.


اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن.


ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.


زناڪاري، ۽ شراب، ۽ نئون شراب سمجهہ وڃايو ٿا ڇڏين.


اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي.


۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.


جي پيالن ۾ شراب پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا تيل مکيو ٿا؛ پر جن کي يوسف جي مصيبت جو ڏک ڪونهي.


باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي.


تڏهن يسوع چيس تہ ميان، جنهن ڪم لاءِ آيو آهين سو ڪر. پوءِ هنن اچي يسوع تي هٿ وڌا، ۽ قابو ڪيائونس.


اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو.


نڪي اوهين بُت پرست ٿيو، جهڙا هنن مان ڪي ٿيا هئا، جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ ويٺا ۽ نچڻ ٽپڻ اُٿيا.“


ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.


۽ هنن پاڻ وٽان ڌاريا معبود ڪڍي ڇڏيا، ۽ خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا: ۽ اسرائيل جي بري حال ڪري هن جي دل ڏکڻ لڳي.


۽ هو ٻنيءَ ۾ ويا، ۽ ڊاک گڏ ڪيائون، ۽ اُها لتاڙي پوءِ خوشي ڪيائون، ۽ پنهنجي معبود جي گهر اچي، اُها کاڌائون پيتائون، ۽ ابيملڪ تي لعنت ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ