Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:9 - Sindhi Bible

9 تنهنڪري آءٌ اُن جي فصل وقت پنهنجو اَن، ۽ موسم ۾ پنهنجو شراب موٽائي وٺندس، ۽ پنهنجي اُن ۽ پنهنجي سڻي ڇني وٺندس، جي جيڪر سندس اوگهڙ ڍڪين ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو هاڻ فصل لهڻ تي آءٌ کانئس پنهنجو اناج ۽ مئي موٽائي وٺندس. آءٌ کانئس اها اُن ۽ سڻي بہ کسي وٺندس، جنهن مان ٺهيل ڪپڙي سان هوءَ پنهنجي اوگھڙ ٿي ڍڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ تنهنجو رواجي کاڌو گهٽائي ڇڏيو اٿم، ۽ فلستين جون ڌيئرون جي تنهنجي بي حيائيءَ جي هلت ڪري شرمنديون ٿيون آهن، ۽ جي توکي ڌڪارين ٿيون، تن جي مرضيءَ تي توکي ڇڏي ڏنو اٿم.


آءٌ توکي هنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هو تنهنجي مٿانهين جاءِ ڪيرائي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا عاليشان مڪان ڀڃي ڇڏيندا؛ ۽ هو تنهنجا ڪپڙا لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي ويندا: ۽ توکي اگهاڙو ننگو ڇڏي هليا ويندا.


هو تنهنجا ڪپڙا بہ لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور بہ کڻي ويندا.


۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو.


متان آءٌ هن کي اُگهاڙو ڪريان، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيانس جهڙي ڄمڻ واري ڏينهن هئي، ۽ بيابان جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ خشڪ زمين جهڙو بنائي ڇڏيانس، ۽ اُڃ سان ماريانس.


ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.


ان ڳاهڻ جو پڙ، ۽ شراب ڪڍڻ جو چيچڙو هنن کي قوت نہ پهچائيندو، ۽ نئون شراب کُٽي ويندو.


ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟


انهن جي دولت لٽ جو مال ٿيندي، ۽ انهن جا گهر ويران ٿيندا: هائو، هو اڏيندا پر وسائيندا ڪين؛ ۽ هو انگورستان لڳائيندا، پر انهن جو شراب نہ پيئندا.


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ