Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:22 - Sindhi Bible

22 ۽ زمين اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو جواب ڏيندي؛ ۽ اُهي يزرعيل جو جواب ڏيندا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:22
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


۽ آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جنهن سان هو مون کي سڃاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس: ڇالاءِ جو هو پنهنجي سڄيءَ ساريءَ دل سان مون ڏي موٽي ايندا.


۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،


۽ بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل گڏ ٿيندا، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو سردار مقرر ڪندا، ۽ انهي زمين مان نڪري ويندا، ڇالاءِ جو يزرعيل جو ڏينهن وڏو ٿيندو.


۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو يزرعيل رک؛ ڇالاءِ جو ٿوري وقت کانپوءِ آءٌ يزرعيل جي خون جو وير ياهوءَ جي گهراڻي کان وٺندس، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي بادشاهي پوري ڪندس.


جيڪي هن جي پاڇي هيٺ ٿا رهن سي بحال ڪيا ويندا؛ هو ڪڻڪ وانگر وري نڪرندا ۽ ڊاک وانگر ٻور ڪندا: انهي جي خوشبوءِ لبنان جي شراب جهڙي ٿيندي.


۽ خداوند ورندي ڏيئي پنهنجي قوم کي چيو، تہ ڏسو آءٌ اوهان ڏي اَن ۽ شراب ۽ تيل موڪليندس، ۽ اُنهن سان اوهين ڍاپي پوندا: ۽ آءٌ اڳتي وري اوهان کي قومن ۾ خوار نہ ڪندس:


۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ