Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:21 - Sindhi Bible

21 ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ آسمانن جي سڏ جو جواب ڏيندس، ۽ آسمان زمين جي سڏ جو جواب ڏيندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21-22 انهيءَ ڏينهن آءٌ تو يزرعيل جون گھريل دعائون ٻڌندس، هائو، آءٌ آسمان کي حڪم ڪندس، تہ اهو زمين تي برسات جو وسڪارو ڪري. تڏهن زمين اناج، انگورن ۽ زيتونن جو جھجھو فصل اُپائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛


تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي سڏڻ کان اڳي آءٌ جواب ڏيندس؛ ۽ اُهي اڃا ڳالهائيندا هوندا، تہ آءٌ سندن ٻڌندس.


۽ آءٌ اوهان کي اوهانجين سڀني ناپاڪين کان بچائيندس: ۽ آءٌ اُن کي ڪوٺيندس ۽ انهي کي وڌائيندس، ۽ اوهان ۾ ڏڪار نہ وجهندس.


جيڪي هن جي پاڇي هيٺ ٿا رهن سي بحال ڪيا ويندا؛ هو ڪڻڪ وانگر وري نڪرندا ۽ ڊاک وانگر ٻور ڪندا: انهي جي خوشبوءِ لبنان جي شراب جهڙي ٿيندي.


۽ خداوند ورندي ڏيئي پنهنجي قوم کي چيو، تہ ڏسو آءٌ اوهان ڏي اَن ۽ شراب ۽ تيل موڪليندس، ۽ اُنهن سان اوهين ڍاپي پوندا: ۽ آءٌ اڳتي وري اوهان کي قومن ۾ خوار نہ ڪندس:


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


پر اڳتي پوک سلامتيءَ سان ٿيندي؛ ڊاک پنهنجو ڦر ڏيندي، ۽ زمين ۾ فصل ٿيندو، ۽ آسمان مان ماڪ پوندي: ۽ آءٌ قوم جي باقي بچيلن کي انهن سڀني شين جو ورثو ڏيندس.


۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جي خاطر ڳڙڪائيندڙن کي ڇينڀيندس، ۽ هو اوهان جي زمين جي پيدائش ناس نہ ڪندا، ۽ نڪي اوهان جي ڊاک جو ڦر ڪچو زمين تي ڪِرندو.


پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ