Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:2 - Sindhi Bible

2 اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت ڪريو، توڙي جو هن سان هاڻي منهنجا زال مڙس وارا تعلقات نہ آهن، تہ بہ اوهين ساڻس حجت ڪريو، تان‌تہ هوءَ زنا ۽ بدڪاري ڇڏي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي اهڙي آفت آڻيندس جو جيڪو انهي جو ذڪر ٻڌندو تنهنجا ڪن پيا ٻرندا.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.


تنهن کانسواءِ تو پنهنجا پٽ ۽ پنهنجون ڌيئون، جي مون تو مان ڄڻيون هيون، سي کڻي تو هنن تي قربان ڪيون تہ اُهي کاڄي وڃن. تنهنجون زناڪاريون ڪي گهٽ آهن ڇا؟


رستي جي سڀ ڪنهن ڪُنڊ تي تو پنهنجو مٿانهون مڪان ٺاهيو آهي، ۽ پنهنجي سونهن نفرت جهڙي ڪئي اٿيئي، ۽ جيڪو ٿي لنگهيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ پنهنجي زناڪاري وڌيڪ ٿي ڪئي.


تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا، اي آدمزاد، تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا؟ اُنهن کي سندن ابن ڏاڏن جا ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ؛


تڏهن مون انهي کي چيو، جا زناڪاري ڪري ڪري اچي پڪي ٿي هئي، تہ هاڻي اُهي هن سان زناڪاريون ڪندا، ۽ هوءَ انهن سان سمهندي.


تنهنڪري سچا ماڻهو زناڪار زالن جي فتويٰ ۽ خوني زالن واري فتويٰ هنن جي حق ۾ جاري ڪندا، ڇالاءِ جو هو زناڪار آهن ۽ هنن جي هٿن ۾ رت آهي.


جڏهن خداوند شروع ۾ هوسيع جي معرفت ڳالهايو، تڏهن خداوند هوسيع کي چيو تہ وڃ، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي زناڪار زال، ۽ هڪڙو زنا مان ڄاول ٻار وٺ: ڇالاءِ جو ملڪ خداوند کان پاسو ڪري وڏي زناڪاري ٿو ڪري.


اوهين پنهنجن ڀائرن کي چئو عمي، ۽ پنهنجين ڀينرن کي روحامہ.


ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.


۽ تون ڏينهن جو ٿاٻو کائيندين، ۽ نبي بہ تو سان گڏ رات جو ٿاٻو کائيندو؛ ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ کي ناس ڪري ڇڏيندس.


ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.


تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ