Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:17 - Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيئن تہ آءٌ سندس ذهن مان بعل ديوتائن جا نالا ڪڍي ڇڏيندس، تنهنڪري هوءَ وري ڪڏهن بہ انهن جو نالو ڪين وٺندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.


تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.


اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس.


۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ