Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:16 - Sindhi Bible

16 ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ تون مون کي ايشي سڏيندينءَ؛ ۽ مون کي وري اڳتي بعلي نہ سڏيندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ انهيءَ ڏينهن هوءَ مون کي وري پنهنجو مڙس سڏيندي، ۽ اڳتي مون کي پنهنجو بعل نہ سڏيندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.


۽ آءٌ اوهان کي قومن جي بيابان ۾ آڻيندس ۽ اُتي اوهان سان روبرو حجت ڪندس.


۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي.


جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.


ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.


اچو تہ خوشي ڪريون ۽ ڏاڍا سرها ٿيون، ۽ کيس سجدو ڪريون، ڇالاءِ جو گهيٽي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ سندس ڪنوار پاڻ کي تيار ڪيو آهي.


۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.


تڏهن هن چيو، تہ منهنجا سائين، ڀلي تہ تنهنجي نظر ۾ مون کي مان ملي، ڇالاءِ جو تو مون کي تسلي ڏني آهي، ۽ تو پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهايو آهي، جيتوڻيڪ آءٌ تنهنجن ٻانهين مان هڪڙيءَ جو مٽ نہ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ