Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:14 - Sindhi Bible

14 تنهنڪري ڏس، آءٌ هن کي ڌتاري بيابان ۾ آڻيندس، ۽ دلاسو ڏيئي ساڻس ڳالهائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻي ڏسو، آءٌ هن کي سمجھائيندس، ۽ ڌتاري بيابان ڏانهن وٺي وڃي ساڻس پيار سان ڳالهائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:14
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.


هائو، هو توکي مصيبت مان ڪڍي اهڙيءَ ڪشادي جاءِ ۾ پهچائي ها؛ جتي سوڙهہ نہ آهي ۽ تنهنجي دسترخاني تي جيڪي هجي سو جيڪر سڻڀ سان ڀريل هجي ها.


مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري اڳتي چوڻ ۾ نہ ايندو تہ انهي جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو؛


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس.


انهي طرح مون هنن کي مصر مان ڪڍي ٻاهر بيابان ۾ آندو.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ يقيناً زور واري هٿ سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ جاري ڪيل غضب سان اوهان تي بادشاهہ ٿيندس:


متان آءٌ هن کي اُگهاڙو ڪريان، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيانس جهڙي ڄمڻ واري ڏينهن هئي، ۽ بيابان جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ خشڪ زمين جهڙو بنائي ڇڏيانس، ۽ اُڃ سان ماريانس.


۽ ان جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون وينديون ۽ اُن جون سڀ انعامي شيون باهہ ۾ ساڙيون وينديون، ۽ ان جا سڀ بُت آءٌ ويران ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن ڪڃريءَ جي ڀاڙي مان اهي سڀ گڏ ڪيا آهن، ۽ اُهي موٽي بہ ڪڃريءَ جي انعام لاءِ ويندا.


اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو.


۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.


ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو نہ ڇڪيس: ۽ آئون پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريندس.


۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.


۽ اُها زال انهي بيابان ڏانهن ڀڳي، جتي خدا سندس لاءِ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ انهي هنڌ هڪ هزار، ٻہ سؤ ۽ سٺ ڏينهن تائين سندس پرورش ٿئي.


۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ