Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:12 - Sindhi Bible

12 ۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ سندس اهي انگورن جا باغ، ۽ انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جن بابت هن چيو آهي تہ ’هي منهنجي يارن جو ڏنل عيوضو آهن.‘ آءٌ انهن باغن کي جھنگ بڻائي ڇڏيندس، جن کي جھنگلي جانور برباد ڪري ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي تو انهيءَ جي واڙ ڇو ڀڃي ڇڏي آهي، جو جيڪي اتان لنگهن ٿا سي سڀ کيس پيا ڇنن؟


ڇا باقي ٿوري دير نہ آهي جو لبنان هڪڙي آباد ٻني ٿي پوندو، ۽ آباد ٻني هڪڙو ٻيلو ليکجڻ ۾ ايندي.


۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جتي جتي هڪ هزار ڊاک جا وڻ هوندا هئا، جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هوندي هئي، اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا.


تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس.


يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.


۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون.


آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.


ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.


تنهنڪري، اوهان جي سبب صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم دڙا ٿي ويندو، ۽ هن گهر جو جبل ٻيلي جي مٿانهين جڳهن جهڙو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ