Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 2:1 - Sindhi Bible

1 اوهين پنهنجن ڀائرن کي چئو عمي، ۽ پنهنجين ڀينرن کي روحامہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سو اهي پنهنجي هم‌قوم ڀائرن کي عمي سڏين ۽ پنهنجي هم‌قوم ڀينرن کي رحامہ سڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 2:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:


۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس:


ڇالاءِ جو نڪي اسرائيل کي نڪي يهوداہ کي سندن خدا، لشڪرن جي خداوند، ڇڏي ڏنو آهي؛ جيتوڻيڪ هنن جو ملڪ اسرائيل جي پاڪ خدا جي ڏوهہ سان ڀريل آهي.


انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي قاعدن تي هلن ۽ منهنجي قانون جي سنڀال ڪري تعميل ڪن: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس.


۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو ۽ جانور وڌائيندس، ۽ هو وڌندا، ۽ ڦر وارا ٿيندا: ۽ آءٌ اوهان کي اڳين وانگر وسائيندس ۽ جيڪي شروعات ۾ اوهان جي لاءِ ڪيو هوم تنهن کان بهتر ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ جيڪا زمين مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن ۾ اوهين رهندا؛ ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس.


منهنجو تنبو بہ هنن سان هوندو؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.


اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛


۽ آءٌ هن کي پنهنجي لاءِ زمين ۾ پوکيندس؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي رحم ڪندس، جنهن تي رحم نہ ڪيو ويو هو، ۽ جيڪي منهنجي اُمت نہ هئا تن کي آءٌ چوندس تہ اوهين منهنجي اُمت آهيو؛ ۽ هو چوندا تہ تون اسان جو خدا آهين.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


سو جنهن صورت ۾ اسان کي هيءَ خدمت خدا جي رحمت سان ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسين همت نٿا هاريون.


جيتوڻيڪ اڳي آئون ڪفر بڪندڙ ۽ ستائيندڙ ۽ سندس بي عزتي ڪندڙ هوس: تنهن هوندي بہ مون تي رحم ڪيو ويو، ڇالاءِ جو مون بي ايمانيءَ جي حالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري اهي ڪم ڪيا؛


جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ