Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 13:8 - Sindhi Bible

8 آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ اهڙي رڇڻيءَ جيان اچي اوهان تي ڪڙڪندس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن. جيئن جھنگلي جانور پنهنجي شڪار کي اتي ئي چيري ڦاڙي ڇڏيندا آهن، تيئن آءٌ بہ شينهن جيان اوهان جو پيٽ ڦاڙي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 13:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.


هاڻي اوهين جي خدا کي وساريو ٿا سي هن ڳالهہ تي غور ڪريو، متان آءٌ، اوهان کي چيري ٽڪر ٽڪر ڪريان، ۽ ڪو بہ ڇڏائڻ وارو نہ هجي:


جهنگلي سوئر اچيو هن کي خراب ڪن، ۽ جهنگ جا جانور کيس کايو وڃن.


مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي.


انهن جي گجگار شينهن جهڙي ٿيندي ۽ اُهي جوان شينهن وانگي گجندا: هائو، هو گجندا، ۽ شڪار جهليندا، ۽ انهي کي بي روڪ ٽوڪ کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ ڪونہ ڇڏائيندن.


اي جهنگ جا سڀ جانورو، ۽ ٻيلي جا سڀ حيوانو، اوهين اچي کائو.


منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي آهي ڇا جهڙو ڪو چٽڪمرو شڪاري پکي؟ شڪاري پکي چوڌاري هن تي ڪاهي آيا آهن ڇا؟ اوهين وڃو، جهنگ جا سڀ جانور گڏ ڪري وٺي اچو تہ ڳڙڪائي وڃن.


هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.


۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.


ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ