Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 12:8 - Sindhi Bible

8 ۽ افرائيم چيو تہ يقيناً آءٌ دولتمند ٿيو آهيان، مون دولت لڌي آهي: منهنجن سڀني ڪمن ۾ هو مون ۾ ڪابہ بدڪاري ڪانہ لهندا جا گناهہ ٿي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اسرائيل وارا چون ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ جھجھو مال گڏ ڪيو اٿئون. انهيءَ ڳالهہ ۾ اسان ڪنهن جو بہ حق نہ کسيو آهي، جنهن کي اسان جو گناهہ ليکيو وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 12:8
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ پنهنجي گهڻيءَ ملڪيت تي ٿا ڪُڏن؛


تہ ڏس هي اهو ماڻهو آهي جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ نہ سمجهيو؛ پر پنهنجيءَ گهڻيءَ دولت تي پنهنجو ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجيءَ بڇڙائيءَ ۾ پاڻ کي پڪو ڪيائين.


ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ ڦرمار ڪري مغرور نہ ٿيو: جيڪڏهن ملڪيت وڌي تہ انهي تي دل نہ لڳايو.


ڪوڙيءَ ساهميءَ کان خداوند کي نفرت اچي ٿي: پر سچيءَ تور ڪري هو خوش ٿئي ٿو.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.


اهڙو ساڳيو زنا ڪندڙ زال جو رستو آهي، هوءَ کائي ٿي، ۽ پنهنجو وات اُگهي ٿي، ۽ چوي ٿي تہ مون ڪوبہ خراب ڪم نہ ڪيو آهي.


تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛


انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي.


جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن.


پنهنجي وڏي سياڻپ سان ۽ پنهنجي سوداگريءَ سان تو پنهنجي دولت وڌائي آهي، ۽ انهي دولت جي ڪري تنهنجي دل مٿي چڙهي وئي آهي:


هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


هو منهنجي قوم جي گناهہ تي گذران ڪن ٿا، ۽ انهن جي بدڪاريءَ تي پنهنجي دل لڳائين ٿا.


۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟


تنهنڪري هو پنهنجي ڄار جي لاءِ قرباني ۽ پنهنجي وڏيءَ ڄار جي لاءِ لوبان ٿو ساڙي؛ ڇالاءِ جو انهن جي وسيلي هن جو حصو وڏو ۽ هن جو کاڌو ججهو ٿئي ٿو.


جن جا مالڪ هنن کي ڪُهن ٿا، ۽ پاڻ کي بي ڏوهي ٿا سمجهن؛ ۽ جن جا سوداگر چون ٿا، تہ خداوند برڪت وارو آهي، جو آءٌ دولتمند ٿيو آهيان: ۽ خود سندن ريڍار رحم نٿا ڪن.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟


خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي برخلاف اوهان جون ڳالهيون تمام سخت آهن، تہ بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؟


پر هن پاڻ کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ يسوع کي چيو، تہ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟


۽ پنهنجي جيءَ کي چوندس تہ ٻيلي، تو وٽ ججهو ئي مال پيو آهي جو گهڻيئي سال هلندو؛ هاڻي سکي ٿيءُ، کاءُ پيءُ، ۽ موجون ماڻ.


ڪوبہ نوڪر ٻن ڌڻين جي خدمت ڪري ڪين سگهندو: ڇالاءِ جو يا هو هڪڙي سان نفرت ڪندو، ۽ ٻئي کي پيار ڪندو؛ يا تہ وري هڪڙي سان ٺهندو، ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.


۽ ائين نہ ٿئي جو تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين، تہ مون پنهنجيءَ طاقت، ۽ پنهنجي هٿ جي زور سان هيءَ دولت حاصل ڪئي آهي.


جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛


۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.


ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ