Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 12:4 - Sindhi Bible

4 هائو، هن فرشتي سان زور آزمايو، ۽ انهي تي غالب آيو: هن رنو، ۽ عرض ڪيائينس: هن انهي کي بيت ايل ۾ لڌو، ۽ اُتي اسان سان ڳالهايائين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هائو، هو منهنجي ملائڪ سان ملهہ وڙهيو هو، ۽ ڏاڍيءَ مشڪل کان پوءِ هو انهيءَ ملائڪ کان کٽي ويو هو. پوءِ هن روئندي روئندي مون خداوند کان برڪت گھري هئي. تنهن هوندي بہ مون خداوند بيت‌ايل ۾ اچي يعقوب سان ڳالهايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 12:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو.


۽ يعقوب پاڻ اڪيلو رهجي ويو، ۽ اتي پرهہ ڦٽيءَ تائين ڪو شخص ساڻس ملهہ پئي وڙهيو.


پر جڏهن هن شخص ڏٺو تہ آءٌ يعقوب تي غالب پئجي نٿو سگهان، تڏهن هن جي ران جي اندرينءَ نس کي هٿ لاتائين: ۽ جيئن هو يعقوب سان ملهہ پئي وڙهيو، تيئن يعقوب جي ران جي نس چڙهي ويئي.


تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.


تڏهن يعقوب هن کي عرض ڪري کانئس پڇيو تہ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ، ۽ هن چيو تہ تون منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟ پوءِ هن اتي کيس برڪت ڏني.


۽ جنهن هنڌ خدا يعقوب سان ڳالهايو هو، تنهن هنڌ جو نالو هن بيت ايل رکيو.


۽ هن يوسف کي برڪت ڏني ۽ چيائين تہ خدا، جنهن جي حضور ۾ منهنجو پيءُ اضحاق، ۽ منهنجو ڏاڏو ابرهام هلندا هئا ۽ اهوئي خدا، جنهن منهنجي ساريءَ عمر ۾ اڄ ڏينهن تائين منهنجي پرورش ڪئي آهي.


هن سمنڊ کي ڦيرائي سُڪي زمين ڪيو: اهي درياهہ مان پنڌ هليا ويا: هن جي ڪري اسان اتي خوشيون ڪيون.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ