Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 12:3 - Sindhi Bible

3 ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي کڙيءَ کان ورتو؛ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو تڏهن خدا سان زور آزمايائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 يعقوب ماءُ جي پيٽ ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي کُڙيءَ کان ورتو هو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون خدا سان ملهہ وڙهيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 12:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو.


تنهنڪري خداوند اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهن کي پنهنجي اکين کان ٽاري ڇڏيائين: يهوداہ جي فرقي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بچيو.


۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين.


نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ آءٌ اوهان سان، ۽ اوهان جي ٻارن جي ٻارن سان مقابلو ڪندس.


هاڻي تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.


هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


۽ اهڙو حال ٿيو جو جهڙا ٻيا ماڻهو تهڙو ڪاهن: ۽ آءٌ هنن کي سندن افعالن جي ڪري سزا ڏيندس، ۽ سندن ڪمن جو بدلو ڏيندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ تہ هنن خداوند جي شريعت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس قاعدن تي نہ هليا آهن، ۽ سندن ڪوڙن، جنهن تي هو پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هليا آهن، کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.


اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.


۽ جڏهن ٻار اڃا ڄاوا ئي ڪين هئا، ۽ نہ اُنهن ڪو چڱو يا مَٺو ڪم ڪيو هو، تہ بہ انهي لاءِ تہ خدا جو ارادو سڏڻ واري جي مرضيءَ موجب چونڊ تي منحصر هجي، ۽ نہ عملن تي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ