Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 12:14 - Sindhi Bible

14 افرائيم پنهنجن ڪمن ڪري تمام گهڻي ڪاوڙ ڏياري آهي، تنهنڪري هن جو رت سندس مٿان ئي رهندو، ۽ ان جي ملامت سندس خداوند مٿس موٽائي آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر اوهان اسرائيل وارن پنهنجن بڇڙن ڪمن ڪري مون کي سخت غصو ڏياريو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجين بڇڙاين سبب موت جي لائق آهيو. اوهان جيڪي بہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سي آءٌ خداوند موٽائي اوهان تي آڻيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 12:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وياج تي پئسا ڏنا هوندائين ۽ وڌيڪ ورتو هوندائين: سو ڪو جيئندو ڇا؟ اُهو ڪڏهن نہ جيئندو: جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن: اُهو ضرور مرندو؛ انهي جو خون سندس مٿان آهي.


پوءِ هو ڦري ٻيٽن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ گهڻائي وٺندو: پر هڪڙو امير هن جي خواري بند ڪرائيندو؛ هائو، پاڻ اُٽلندو هو اُها خواري اُٿلائي هن تي وجهندو.


هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.


۽ دائود هن کي چيو تہ تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي: ڇالاءِ جو تو پاڻ شاهدي ڏني آهي، ۽ چيو اٿئي تہ مون خداوند جي مسح ڪيل کي قتل ڪيو آهي.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


۽ جن جن قومن ۾ خداوند توکي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ تون عجب جو، ۽ پهاڪي جو، ۽ چوڻيءَ جو سبب ٿيندين.


هن قرناءِ جو آواز ٻڌو ۽ خبردار نہ ٿيو؛ اُنهي جو خون مٿس آهي: پر جي هو خبردار ٿئي ها تہ پنهنجو ساهہ بچائي وٺي ها.


جيڪڏهن اُنهي کي ڪو پٽ ڄمندو جو چور هوندو يا خوني هوندو، ۽ جو انهن مان ڪو ڪم ڪندو هوندو؛


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.


خداوند تنهنجو خدا تو منجهان، يعني تنهنجن ڀائرن منجهان، تنهنجي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندو؛ اوهين انهي جي ٻڌجو؛


آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ