Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 12:13 - Sindhi Bible

13 هڪڙي نبيءَ جي وسيلي خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ هڪڙي نبيءَ جي وسيلي هو بچايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ مون خداوند موسيٰ نبيءَ جي وسيلي اوهان يعقوب جي اولاد کي مصر مان ڪڍي آندو، هائو، انهيءَ نبيءَ جي ئي وسيلي مون اوهان جي سنڀال ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 12:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي اُمت جي ڌڻ وانگي موسيٰ ۽ هارون جي معرفت رهبري ڪئي.


ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين.


پوءِ خدا جو فرشتو جيڪو اسرائيلي لشڪر جي اڳيان هلندو هو؛ سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو؛ ۽ ڪڪر جو ٿنڀ هنن جي اڳ کان نڪري، سندن پٺيان آيو.


آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.


اٿي فدان ارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گهر وڃ، ۽ اتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪج.


پوءِ يعقوب راخل جي لاءِ ست ورهيہ پورهيو ڪيو، ۽ جيئن تہ هن تي سندس پيار هو، تنهنڪري اهي ست ورهيہ کيس ٿورن ڏينهن جيترا نظر آيا.


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ